Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 9:32 - Muslim Sindhi Bible

32 تنهنڪري هاڻي اي اسان جا خدا! اي عظمت، قدرت ۽ هيبت وارا خدا! تون جيڪو پنهنجو عهد قائم رکندي لافاني شفقت ڪندڙ آهين، سو اسان جي هن مصيبت کي معمولي نہ ڄاڻ، جيڪا اسان تي، اسان جي بادشاهن، اميرن، ڪاهنن، نبين ۽ ابن ڏاڏن توڙي تنهنجي سڄي قوم تي، اشور جي بادشاهہ جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ايندي رهي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 تنهنڪري هاڻي، اي اسان جا خدا، عظمت، ۽ طاقت ۽ هيبت وارا خدا، جو عهد اقرار ۽ رحم قائم رکندو اچين، سو هيءَ جيڪا مصيبت اسان تي، ۽ اسانجن بادشاهن تي، ۽ اسانجن اميرن تي، ۽ اسانجن ڪاهنن تي، ۽ اسانجن نبين تي، ۽ اسانجن ابن ڏاڏن تي، ۽ تنهنجي سڄيءَ قوم تي، اسور جي بادشاهن جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آئي آهي، سا تنهنجي اڳيان ٿوري نظر نہ اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 9:32
42 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دعا گھريائين تہ ”اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! مٿي آسمان ۾ ۽ هيٺ زمين تي تو جهڙو ٻيو ڪو معبود ڪونهي. تون پنهنجي انهن ٻانهن سان پنهنجو عهد قائم رکندي ساڻن دائمي شفقت رکين ٿو، جيڪي پنهنجي پوريءَ دل سان تنهنجي فرمانبرداري ڪن ٿا.


انهن ڏينهن ۾ اشور جي شهنشاهہ تِگلت پلاسر عرف پول جو لشڪر اسرائيل ملڪ تي حملو ڪرڻ لاءِ ڪاهي آيو. تنهنڪري مناحم بادشاهہ پنهنجي ماڻهن جي هٿان چوٽيهہ هزار ڪلوگرام چاندي پول ڏانهن ڏياري موڪليو تہ جيئن هو سندس ملڪ تي حملو نہ ڪري ۽ مناحم جي بادشاهي مضبوط ٿيڻ ۾ سندس مدد ڪري.


فقحہ جي ڏينهن ۾ اشور جو شهنشاهہ تِگلت پلاسر اسرائيل ملڪ تي ڪاهہ ڪري آيو ۽ عيون، ابيل بيت‌معڪہ، ينوحاہ، قادس ۽ حصور شهر، جِلعاد جو علائقو، گليل ڍنڍ جي آس‌پاس وارو علائقو ۽ نفتاليءَ جو سڄو علائقو قبضي هيٺ ڪيائين ۽ هو ماڻهن کي پڻ قيد ڪري اشور ڏانهن وٺي ويو.


ايستائين جو خداوند کين پنهنجي حضور مان تڙي ڪڍي ڇڏيو. اهو ائين ئي ٿيو جيئن خداوند پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت کين چتاءُ ڏنو هو. سو اسرائيل وارا پنهنجي ملڪ مان جلاوطن ٿي اشور ۾ آيا، جتي اڄ ڏينهن تائين رهندا ٿا اچن.


اشور جو شهنشاهہ سلمنيسر مٿس ڪاهہ ڪري آيو، هوسيع سندس آڻ مڃي ۽ هر سال کيس ڍل پهچائڻ لڳو.


هوسيع جي بادشاهيءَ جي نائين سال اندر، اشور جي شهنشاهہ سامريہ تي قبضو ڪري ورتو ۽ اسرائيل وارن کي قيد ڪري اشور ڏانهن وٺي ويو. هن انهن مان ڪن کي خلح شهر ۾ تہ ڪن کي جوزان علائقي جي خابور نديءَ ويجھو ۽ ڪن کي مادئين جي شهرن ۾ آباد ڪيو.


يوسياہ بادشاهہ جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾، مصر جو بادشاهہ نڪوہ اشور جي شهنشاهہ جي جنگ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ يهوداہ ملڪ جي علائقي مان گذرندي فرات نديءَ ڏانهن پئي ويو. يوسياہ بادشاهہ هن سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري آيو. پر نڪوہ جي لشڪر ساڻس مقابلو ڪيو ۽ مجدو وٽ کيس ماري وڌائون.


صدقياہ جي پٽن کي سندس اکين اڳيان قتل ڪيو ويو. پوءِ هن جون اکيون ڪڍيون ويون ۽ کيس زنجيرن ۾ جڪڙي بابل ڏانهن نيو ويو.


بلڪ اهو خط انهن سڀني ماڻهن جي صلاح سان آهي، جن کي سندن شهرن مان بزرگ ۽ عالي مرتبہ اسنفر لڏائي آڻي سامريہ شهر ۾ ۽ اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي ۾ ٻين هنڌن تي آباد ڪيو هو.“


تڏهن هو زربابل ۽ گھراڻن جي وڏن وٽ آيا ۽ کين چيائون تہ ”اسان کي بہ پاڻ سان گڏ تعمير جي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ اسين بہ ان ساڳئي خدا جي عبادت ڪندا آهيون جنهن جي اوهين ڪندا آهيو. اسين اشور جي شهنشاهہ اسرحدون، جنهن اسان کي هتي آباد ڪيو هو تنهن جي وقت کان وٺي ان خدا لاءِ قربانيون ڪندا رهيا آهيون.“


جيڪي ڪجھہ اسان جي بڇڙن ڪمن ۽ وڏن گناهن جي ڪري اسان سان ٿيو آهي، بيشڪ تو اسان جي خدا، انهن جي مقابلي ۾ اسان جي گناهن کان گھٽ سزا ڏني آهي، جو اسان مان هيترا ڄڻا باقي بچي ويا آهن.


”اي خداوند خدا! عظيم ۽ هيبت وارا خدا! تون انهن سان پنهنجو عهد قائم رکندي ساڻن لافاني شفقت ٿو ڪرين، جيڪي تو سان محبت ٿا ڪن ۽ تنهنجي فرمانبرداري ڪن ٿا.


ڇاڪاڻ تہ خداوند تعاليٰ ئي سڄيءَ دنيا جو حاڪمِ اعليٰ آهي. قومن کي گھرجي تہ اهي کانئس ڊڄن.


اوهين خدا کي هيئن چئو تہ ”تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ هيبتناڪ آهن، تنهنجي عظيم قدرت جي ڪري دشمن بہ اچي تنهنجي پيش ٿا پون.


اچو، اچي ڏسو تہ خدا ڇا ڇا ڪيو آهي. هو بني آدم جي وچ ۾ هيبتناڪ ڪم ٿو ڪري.


موسيٰ سمورو احوال پنهنجي سهري کي ٻڌايو تہ خداوند بني اسرائيل خاطر، فرعون ۽ مصرين سان ڇا ڇا ڪيو. هن کيس اهو بہ ٻڌايو تہ رستي ۾ مٿن ڪهڙيون ڪهڙيون مصيبتون آيون ۽ ڪيئن خداوند کين بچايو.


اسان جي لاءِ هڪڙو ٻار پيدا ٿيندو. هائو، اسان جي قوم تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪڙو پٽ عطا ڪيو ويندو. جنهن تي هي نالا رکيا ويندا: بهترين صلاحڪار، قادر خدا، قائم وَ دائم ابو ۽ سلامتيءَ جو شهزادو.


سو مون پنهنجي قوم جا ڏوهہ قبول ڪندي خداوند پنهنجي خدا کي عرض ڪيو تہ ”اي رب، عظيم ۽ هيبتناڪ خدا! تون پنهنجي فرمانبردارن ۽ محبت رکڻ وارن سان پنهنجي عهد ۽ لافاني شفقت کي قائم رکين ٿو.


اسان تنهنجي بندن يعني انهن نبين جي ڳالهہ نہ مڃي آهي، جن اسان جي بادشاهن، اسان جي سردارن، اسان جي ابن ڏاڏن توڙي ملڪ جي سڀني ماڻهن کي تنهنجو فرمان ٻڌايو.


اي خداوند! اسين، اسان جا بادشاهہ، اسان جا سردار ۽ اسان جا ابا ڏاڏا شرمسار آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.


جيڪڏهن انهن ڳالهين جي باوجود بہ اوهين منهنجي فرمانبرداري نہ ڪندا تہ آءٌ اوهان جي گناهن جي اوهان کي ستوڻي وڌيڪ سزا ڏيندس.


جيڪڏهن اوهين اڃا بہ منهنجي خلاف هلندا ۽ منهنجي فرمانبرداري نہ ڪندا، تہ آءٌ اوهان جي گناهن جي ڪري وڌيڪ ستوڻيون آفتون اوهان تي نازل ڪندس.


تہ پوءِ آءٌ خود اوهان جي خلاف ٿيندس ۽ اوهان کي اوهان جي گناهن جي اڳي کان ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس.


تہ آءٌ بہ ڪاوڙجي اوهان جي خلاف ٿيندس ۽ اوهان کي اوهان جي گناهن جي ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس.


”تنهنڪري جيڪڏهن اوهين هي فيصلا ٻڌي، انهن کي مڃي مٿن عمل ڪندا، تہ خداوند اوهان جو خدا بہ پنهنجو عهد ۽ لافاني شفقت اوهان سان قائم رکندو، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.


هو اوهان کي پيار ڪندو، برڪت ڏيندو ۽ اوهان کي وڌائيندو. جيڪو ملڪ اوهان کي ڏيڻ لاءِ هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن منجھہ اوهان جي اولاد ۾ ۽ زمين جي پيداوار يعني اناج ۾، مئي ۾، زيتون جي تيل ۾ ۽ ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي ڌڻن ۾ برڪت وجھندو.


سو اوهين انهن کان ڪوبہ خوف نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا جيڪو اوهان جي وچ ۾ آهي سو عظيم ۽ هيبتناڪ خدا آهي.


تنهنڪري ياد رکو، تہ خداوند اوهان جو خدا اهو ئي خدا آهي. هو واعدو وفا ڪندڙ خدا آهي. سو جيڪي کيس پيار ٿا ڪن ۽ سندس حڪمن تي عمل ٿا ڪن، تن سان هزارين پيڙهين تائين پنهنجو عهد قائم رکندي ساڻن لافاني شفقت ٿو رکي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ