Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 9:27 - Muslim Sindhi Bible

27 تنهنڪري تو هنن کي سندن دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيو، جن کين ڏاڍو ستايو. پوءِ جڏهن مٿن ظلم ٿيڻ لڳو، تہ وٺي تو کي ٻاڏايائون. تڏهن عرش عظيم مان تو سندن دانهون ورنايون، ۽ پنهنجي وڏي ٻاجھہ سان تو هنن کي ڇڏائڻ وارا موڪليا، جن کين سندن دشمنن جي هٿان ڇڏايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 تنهنڪري تو هنن کي سندن دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن هنن کي عذاب ڏنا: ۽ مصيبت جي وقت جڏهن هنن تو وٽ دانهون ڪيون، تڏهن اُهي تو آسمان مان ٻڌيون؛ ۽ پنهنجي بي انداز رحم سان تو هنن کي بچائڻ وارا ڏنا، جن هنن کي سندن دشمنن جي هٿان بچايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 9:27
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند اسرائيل وارن کي هڪڙو ڇڏائڻ وارو ڏنو، جنهن کين ارامين جي ظلم مان ڇڏايو ۽ اهڙيءَ طرح اسرائيل وارا اڳي وانگر پنهنجن گھرن ۾ امن وَ سڪون سان رهڻ لڳا.


جيئن تہ خداوند نہ ٿي چاهيو تہ اسرائيل وارا مڪمل طرح تباهہ ٿي وڃن، تنهنڪري هن انهن کي يربعام ثانيءَ جي وسيلي بچايو.


تنهنڪري خداوند بني اسرائيل جي سڄي نسل کي ڌڪاري ڇڏيو، انهن تي تڪليفون آندائين ۽ انهن کي ڦرلُٽ ڪندڙن جي حوالي ڪري ڇڏيائين، ايستائين جو هنن کي پنهنجي حضور مان تڙي جلاوطن ڪري ڇڏيائين.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جي ئي عبادت ڪجو ۽ اهو ئي اوهان کي اوهان جي سڀني دشمنن جي هٿان ڇڏائيندو.“


تنهنڪري خداوند مٿن بابل جو بادشاهہ چاڙهي آندو، جنهن سندن جوان ماڻهو هيڪل ۾ بہ ماري ڇڏيا. هن ڪنهن تي بہ رحم نہ ڪيو، نہ جوان مرد تي ۽ نہ جوان عورت تي، نہ ڪراڙي تي ۽ نہ جھُور ڪراڙيءَ تي. خدا انهن سڀني کي انهيءَ بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو.


تڏهن بہ پنهنجي گھڻي رحم جي ڪري، تو هنن کي بيابان ۾ ڇڏي نہ ڏنو. هائو، ڏينهن جو رستو ڏيکاريندڙ ڪڪر جو ٿنڀو، توڙي رات جو رستو ڏيکاريندڙ باهہ وارو ٿنڀو کين ڇڏي نہ ويو.


انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن اسان کي دشمنن کان ڇڏايو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


آءٌ اوهان جي خلاف ٿي ويندس، تڏهن اوهين پنهنجن دشمنن اڳيان شڪست کائيندا. جيڪي اوهان کان نفرت ٿا ڪن سي اوهان تي حڪومت ڪندا ۽ ڪو اوهان جو پيڇو نہ بہ ڪندو هوندو، تہ بہ اوهين ڀڄندا وتندا.


يروشلم وارا ماڻهو مختلف علائقا فتح ڪري صيئون جبل تان ادوم تي بہ حڪمراني ڪندا. تڏهن سڀني قومن تي مون خداوند جي ئي بادشاهت قائم ٿي ويندي.“


جڏهن خداوند هنن جي لاءِ ڪو رهبر مقرر ڪندو هو تڏهن هو انهيءَ رهبر سان هوندو هو ۽ جيستائين رهبر جيئرو هوندو هو تيستائين خداوند بني اسرائيل کي سندن دشمنن جي هٿن کان بچائيندو رهندو هو. خداوند کي مٿن رحم ايندو هو، ڇو تہ هو ظلم ۽ تڪليف هيٺ دانهون ڪندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ