Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 9:23 - Muslim Sindhi Bible

23 تو هنن جو اولاد ايترو تہ وڌايو جيترا آسمان ۾ تارا. تو کين انهيءَ ملڪ ۾ آندو، جنهن جي باري ۾ تو سندن ابن ڏاڏن کي چيو هو تہ ’انهيءَ ملڪ ۾ وڃي مٿس قبضو ڪريو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 هنن جو اولاد بہ تو آسمان جي تارن جيترو وڌايو، ۽ هنن کي اُنهيءَ ملڪ ۾ آندو، جنهن جي نسبت ۾ تو هنن جي ابن ڏاڏن کي چيو تہ وڃي اُهو پنهنجي قبضي ۾ آڻيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 9:23
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”هي آهي اهو ملڪ جيڪو آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.“ پوءِ ابرام خداوند جي لاءِ، جنهن کيس ڏيکاري ڏني هئي، اتي هڪ قربان‌گاهہ ٺاهي.


انهيءَ مهل خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪندي چيو تہ ”آءٌ هي سڄو ملڪ، مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان وٺي وڏي ندي فرات تائين تنهنجي اولاد کي ڏيڻ جو عهد ٿو ڪريان،


پوءِ خداوند کيس ٻاهر وٺي ويو ۽ چيائينس تہ ”آسمان ڏانهن نهار ۽ تارن کي ڳڻڻ جي ڪوشش ڪر. تو کي ايترو ئي اولاد ٿيندو جيترا اهي تارا آهن.“


آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين هميشہ لاءِ ڏيندس، جنهن ۾ هاڻي تون پرديسي آهين. ڪنعان جو سڄو ملڪ هميشہ لاءِ تنهنجي اولاد جو رهندو ۽ آءٌ ئي انهن جو خدا هوندس.“


سو آءٌ واعدو ٿو ڪريان تہ آءٌ تو کي ايترو تہ گھڻو اولاد ڏيندس جيترا آسمان ۾ تارا آهن، يا جيترا سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جا ذرڙا آهن. تنهنجو اولاد پنهنجي دشمنن تي فتح حاصل ڪندو.


تون انهيءَ ئي ملڪ ۾ پرديسي ٿي رهہ. آءٌ تو سان هوندس ۽ تو کي برڪت ڏيندس. آءٌ هي سمورو ملڪ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس. جيڪو قسم مون تنهنجي پيءُ ابراهيم سان کنيو هو سو پورو ڪندس.


دائود بادشاهہ ويهن سالن جي عمر وارن يا انهيءَ کان گھٽ عمر وارن کي شمار نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند فرمايو هو تہ هو بني اسرائيل کي ايترو تہ وڌائيندو جيترا آسمان ۾ تارا آهن.


پر جيئن جيئن مصري کين وڌيڪ تڪليفون ڏيڻ لڳا، تيئن تيئن اهي وڌندا ۽ ملڪ ۾ پکڙجندا ويا، ايتري قدر جو مصري بني اسرائيل کان ڊڄڻ لڳا.


پر سندن نسل يعني اسرائيل جو اولاد ڦلدار ٿيندو ۽ گھڻو وڌندو رهيو. هو نهايت طاقت وارو ٿيو ۽ اهو ملڪ انهن سان ڀرجي ويو.


جيتوڻيڪ اوهين آسمان جي تارن جيترا آهيو، تڏهن بہ اوهين گھڻو گھٽجي ويندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري نہ ڪئي هوندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ