Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 9:21 - Muslim Sindhi Bible

21 چاليهن سالن تائين تو هنن کي بيابان ۾ پئي پاليو، ۽ وٽن ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ٿيڻ نہ ڏني. نہ تہ هنن جا ڪپڙا پراڻا ٿيا ۽ نہ وري هنن جا پير سڄيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 هائو، چاليهہ سال برابر تو هنن کي بيابان ۾ پاليو، ۽ هنن کي ڪنهن بہ شيءِ جي گهرج نہ ٿي؛ هنن جا ڪپڙا پراڻا نہ ٿيا، ۽ هنن جا پير نہ سُڄيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 9:21
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

کاڌي جي ڪميءَ جي ڪري شينهن بہ بکيا رهن ٿا، پر خداوند جا طالبو ڪنهن نعمت جا محتاج نہ ٿيندا.


بني اسرائيل چاليهن سالن تائين مَنَ کائيندا رهيا، جيستائين هو آباد ملڪ ۾ آيا، يعني جيستائين هو ڪنعان ملڪ جي حد تائين نہ آيا تيستائين مَنَ پئي کاڌائون.


ڀلا اي اسرائيل وارؤ! چاليهن سالن تائين بيابان ۾ مون اوهان کان ڪي قربانيون يا نذرانا گھريا هئا ڇا؟


۽ اٽڪل چاليهن سالن تائين بيابان ۾ سندن سنڀال ڪندو رهيو.


مون خداوند اوهان جي خدا، اوهان جي هٿ جي ڪمائيءَ ۾ برڪت وڌي آهي. هن وڏي بيابان ۾ اوهان جي گھمڻ ڦرڻ جي بہ مون کي خبر آهي. هنن چاليهن سالن ۾ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، اوهان سان گڏ هئس ۽ اوهان کي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿي.‘


آءٌ چاليهہ سال بيابان ۾ اوهان جي اڳواڻي ڪندو رهيس، نہ اوهان جي بدن جا ڪپڙا پراڻا ٿيا، نڪي اوهان جي پيرن جون جتيون پراڻيون ٿيون.


اوهين انهيءَ سڄي رستي کي ياد رکجو، جنهن تي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي چاليهہ سال بيابان ۾ هلايو، انهيءَ لاءِ تہ هو اوهان کي عاجز ڪري آزمائي ۽ اوهان جي دل جي ڳالهہ معلوم ڪري تہ اوهين هن جي حڪمن تي عمل ڪندا يا نہ.


انهن چاليهن سالن ۾ نہ اوهان جا ڪپڙا اوهان جي بدن تي پراڻا ٿيا، نڪي اوهان جا پير سڄيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ