Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 9:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تو ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀي سان سندن رهنمائي ڪئي، ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀي سان، تہ جيئن جنهن رستي سان انهن کي هلڻو هو، تنهن تي کين روشني ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 تنهن کانسواءِ تون انهن کي ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀ سان وٺي هلئين؛ ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀ سان، انهيءَ لاءِ تہ جنهن رستي تي اُنهن کي هلڻو هجي، انهيءَ تي هنن کي روشنائي ڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 9:12
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بہ پنهنجي گھڻي رحم جي ڪري، تو هنن کي بيابان ۾ ڇڏي نہ ڏنو. هائو، ڏينهن جو رستو ڏيکاريندڙ ڪڪر جو ٿنڀو، توڙي رات جو رستو ڏيکاريندڙ باهہ وارو ٿنڀو کين ڇڏي نہ ويو.


خدا پنهنجي قوم تي ڇانوَ ڪرڻ لاءِ مٿن ڪڪر ڦهلايو، ۽ رات جي وقت روشنيءَ لاءِ باهہ جو ٿنڀو پڻ موڪليائين.


هو انهن کي سڌيءَ راهہ سان وٺي آيو، ۽ آڻي کين شهر ۾ پهچايائين.


اي خداوند! منهنجو ڀروسو تو تي ئي آهي، سو هر صبح جو مون کي پنهنجي ٻاجھہ عطا ڪر، ۽ جنهن واٽ تي مون کي هلڻ کپي سا مون کي ڏيکار، ڇاڪاڻ تہ منهنجي دل تو سان ئي لڳل آهي.


ڏينهن جي وقت تي هن ڪڪر سان سندن رهبري ڪئي، ۽ سڄي رات باهہ جي روشنيءَ سان سندن رهنمائي پئي ڪيائين.


جن کي تو ڇڏايو هو تن جي تو دائمي ٻاجھہ سان رهبري ڪئي، تو پنهنجي طاقت سان کين پنهنجي مقدس جاءِ اندر پهچايو.


مون اهو بہ قسم کنيو هو تہ آءٌ کين مصر ملڪ مان ڪڍي انهيءَ ملڪ ۾ آڻيندس، جيڪو مون اڳ ۾ ئي هنن لاءِ چونڊي ڇڏيو هو، جتي آسودگي ۽ خوشحالي آهي ۽ جيڪو سڀني کان شاندار ملڪ آهي.


اهڙيءَ طرح هميشہ ٿيندو رهيو يعني ڏينهن جو ڪڪر مقدس خيمي جي مٿان ڇانيل رهندو هو ۽ رات جو باهہ وانگر ڏسڻ ۾ ايندو هو.


ڪڏهن ڪڏهن تہ ڪڪر فقط شام کان وٺي صبح تائين بيهندو هو ۽ جڏهن صبح جو ڪڪر کڄي ويندو هو تڏهن هو منزل کڻي هلندا هئا. ڏينهن جو توڙي رات جو، جنهن بہ وقت ڪڪر کڄندو هو، انهيءَ وقت هو منزل کڻي هلندا هئا.


جيتوڻيڪ هن اوهان جي رهنمائي ٿي ڪئي، تان‌تہ اوهان کي خيمن کوڙڻ لاءِ جاءِ لهي ڏئي. هن رات جو باهہ سان ۽ ڏينهن جو ڪڪر سان اوهان جي رهنمائي ٿي ڪئي تہ جيئن اوهان کي رستو ڏيکاري.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ