Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 8:8 - Muslim Sindhi Bible

8 انهن خدا جي شريعت جي ڪتاب مان صاف صاف پئي پڙهيو ۽ ان جي معنيٰ پئي سمجھائي تہ جيئن جيڪو پڙهيو ٿي ويو سو ماڻهو سمجھي سگھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ اُنهن انهيءَ ڪتاب مان، يعني خدا جي شريعت مان، صاف آواز سان پڙهيو؛ ۽ اُنهن انهيءَ جو مطلب بيان ڪري ٻڌايو، جنهنڪري جيڪي پڙهيو ويو، سو هنن سمجهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 8:8
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بادشاهہ انهن اڳواڻن کي يروشلم بلڪ يهوداہ جي سڀني ماڻهن، ڪاهنن، نبين مطلب تہ سڀني ننڍن توڙي وڏن کي ساڻ ڪري خداوند جي گھر ۾ ويو. اتي هن خداوند جي گھر مان لڌل انهيءَ عهدنامي جي ڪتاب يعني شريعت جون سڀيئي ڳالهيون انهن کي پڙهي ٻڌايون.


جيڪو خط اوهان اسان ڏانهن موڪليو سو منهنجي اڳيان ترجمو ڪري پڙهيو ويو آهي.


پوءِ سڀيئي ماڻهو هليا ويا ۽ وڃي کائڻ پيئڻ لڳا ۽ ٻين ڏانهن بہ ڪجھہ موڪليائون. هنن وڏو جشن ملهايو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي شريعت جو ڪتاب جيڪو کين پڙهي ٻڌايو ويو هو، سو هنن سمجھي ورتو هو.


جڏهن ماڻهو وري اُٿي بيٺا، تڏهن يشوع، باني، سربياہ، يامن، عقوب، سبتي، هودياہ، معسياہ، قليطا، عزرياہ، يوزبد، حنان ۽ فلاياہ جيڪي لاوي هئا، تن بہ عزرا کان پوءِ ماڻهن کي شريعت جي سمجھاڻي ڏني.


شريعت جون ڳالهيون ٻڌي ماڻهو روئڻ لڳا. تنهن تي نحمياہ گورنر، عزرا ڪاهن ۽ شريعت جي عالمن ۽ لاوين ماڻهن کي سمجھاڻي ڏيندي چيو تہ ”اڄوڪو ڏينهن خداوند، اوهان جي خدا جي لاءِ مخصوص آهي، سو نہ ڪو ڏک ڪريو ۽ نہ روئو


هو ڏينهن جي هڪ پهر تائين بيٺا رهيا ۽ کين خداوند پنهنجي خدا جي شريعت جي ڪتاب مان پڙهي ٻڌايو ويو. ٻئي پهر ۾ هنن پنهنجا گناهہ باسيا ۽ خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪيائون.


سندن حڪمران بہ ساڻن گڏ هيڪل ۾ داخل ٿئي ۽ واپسيءَ وقت ساڻن گڏ نڪري وڃي.


تڏهن خداوند مون کي وراڻيو تہ ”هيءَ رويا لک. اها تختين تي اهڙن تہ صاف اکرن ۾ لک جو ڊوڙندڙ ماڻهو بہ اها آسانيءَ سان پڙهي سگھي.


پوءِ عيسيٰ انهن کي موسيٰ جي توريت کان وٺي ٻين سڀني نبين جي لکتن تائين، پاڪ ڪلام جون اهي سڀ ڳالهيون سمجھايون جيڪي سندس بابت لکيل آهن.


اهي هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا ائين نہ هو تہ جنهن مهل رستي تي هو اسان سان ڳالهائي پيو ۽ پاڪ ڪلام سمجھائي پيو، تڏهن ڇا اسان جون دليون بيحد پرجوش نہ پئي ٿيون؟“


پوءِ پاڪ ڪلام کي سمجھڻ لاءِ هنن جا ذهن اُجاگر ڪندي


پوءِ انهن پولس سان هڪڙو ڏينهن مقرر ڪيو ۽ ان ڏينهن تي سندن وڏو تعداد انهيءَ جاءِ تي اچي ڪٺو ٿيو، جتي هو رهيل هو. صبح کان شام تائين خدا جي بادشاهيءَ بابت سمجھائيندي پولس کين پيغام ٻڌائيندو رهيو، جنهن ۾ عيسيٰ بابت کين قائل ڪرڻ لاءِ موسيٰ جي شريعت ۽ ٻين نبين جي لکتن مان کين مثال ٻڌائيندو رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ