Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 8:7 - Muslim Sindhi Bible

7 جڏهن ماڻهو وري اُٿي بيٺا، تڏهن يشوع، باني، سربياہ، يامن، عقوب، سبتي، هودياہ، معسياہ، قليطا، عزرياہ، يوزبد، حنان ۽ فلاياہ جيڪي لاوي هئا، تن بہ عزرا کان پوءِ ماڻهن کي شريعت جي سمجھاڻي ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ يشوع، ۽ باني، ۽ سربياہ، يامن، عقوب، سبتي، هودياہ، معسياہ، قليطا، عزرياہ، يوزبد، حنان، فلاياہ، ۽ لاوين بہ ماڻهن کي شريعت جي سمجهاڻي ڏني: ۽ ماڻهو پنهنجي جاءِ تي بيٺا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 8:7
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ دوران بني اسرائيل جي سڄي قوم اتي ئي بيٺي رهي. پوءِ بادشاهہ سليمان پٺتي ڦري ماڻهن ڏانهن نهاريو ۽ کين دعا ڪئي.


حزقياہ انهن سڀني لاوين جي ڏاڍي تعريف ڪئي، جن خداوند جي عبادت ۾ مهارت سان اڳواڻي پئي ڪئي. سڀني ماڻهن عيد جا ست ئي ڏينهن پنهنجو پنهنجو مقرر حصو پئي کاڌو، سلامتيءَ جون قربانيون پئي پيش ڪيائون ۽ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي واکاڻ پئي ڪيائون.


اهي لاوي جن پنهنجي سڀني هم‌قوم ماڻهن کي تعليم ٿي ڏني ۽ جيڪي خداوند لاءِ وقف ڪيا ويا هئا تن کي هن چيو تہ ”عهد واري پاڪ صندوق کڻي وڃي خداوند جي انهيءَ گھر ۾ رکو جيڪو بني اسرائيل جي بادشاهہ سليمان ولد دائود تعمير ڪرايو هو. اڳتي وري اوهان کي اها صندوق پنهنجن ڪلهن تي کڻي هيڏانهن هوڏانهن ڪونہ ڦرڻو پوندو. هاڻي خداوند پنهنجي خدا ۽ انهيءَ جي قوم بني اسرائيل جي خدمت ڪندا رهو.


جيئن تہ اسان تي اسان جي خدا جو شفقت ڀريو هٿ هو، تنهنڪري لاوي ولد يعقوب جي اولاد مان محلي گھراڻي جي سربياہ نالي هڪ سمجھوءَ کي سندس پٽن ۽ مائٽن سميت هو اسان وٽ وٺي آيا جيڪي ڪل ارڙهن ڄڻا هئا.


سبتي ۽ يوزباد جيڪي لاوين جا وڏا هئا ۽ هيڪل جي ٻاهرين ڪم ڪار جي نگراني ڪندا هئا،


عقوب ۽ طلمون جي اڳواڻيءَ ۾ هيڪل جي دروازن تي جيڪي پهريدار مقرر هئا سي هڪ سؤ ٻاهتر ڄڻا هئا.


سندن پٺيان جيڪي ڪاهن شرنايون وڄائيندا پئي هليا سي هي هئا: عزرياہ، عزرا، مسلام، يهوداہ، بنيامين، سمعياہ ۽ يرمياہ. انهن جي پٺيان زڪرياہ ولد يونتن ولد سمعياہ ولد متنياہ ولد ميڪاياہ ولد زڪور هليو جيڪو آسف جي اولاد مان هو.


انهيءَ کان پوءِ هنن لاوين پڻ مرمت جو ڪم ڪيو. رحوم ولد باني ڀر واري حصي جي مرمت ڪئي. انهيءَ کان پوءِ حسبياہ، جيڪو قعيلاہ جي اڌ ضلعي جو حاڪم هو، تنهن پنهنجي ضلعي جي طرفان ڀر واري حصي جي مرمت ڪرائي.


انهيءَ کان پوءِ عيزر ولد يشوع جيڪو مصفاہ جو حاڪم هو، تنهن اسلحہ‌خاني جي چاڙهيءَ جي سامهون کان وٺي ويندي ڀت جي وراڻي تائين واري حصي جي مرمت ڪرائي.


تنهن کان پوءِ بنيامين ۽ حسوب پنهنجي گھر جي سامهون واري حصي جي مرمت ڪئي. انهيءَ کان پوءِ عزرياہ ولد معسياہ ولد عننياہ پنهنجي گھر جي ڀر واري حصي جي مرمت ڪئي.


پوءِ سڀيئي ماڻهو هليا ويا ۽ وڃي کائڻ پيئڻ لڳا ۽ ٻين ڏانهن بہ ڪجھہ موڪليائون. هنن وڏو جشن ملهايو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي شريعت جو ڪتاب جيڪو کين پڙهي ٻڌايو ويو هو، سو هنن سمجھي ورتو هو.


عزرا ڪاٺ جي انهيءَ منبر تي چڙهي بيٺو، جيڪو انهيءَ موقعي لاءِ ٺاهيو ويو هو. سندس ڀرسان ساڄي پاسي متتياہ، سمع، عناياہ، اورياہ، خلقياہ ۽ معسياہ بيٺا هئا ۽ کاٻي پاسي فداياہ، مساايل، ملڪياہ، حاشوم، حسبدانہ، زڪرياہ ۽ مسلام بيٺا هئا.


جڏهن عزرا خداوند عظيم خدا جي واکاڻ ڪئي، تڏهن سڀني ماڻهن پنهنجا هٿ مٿي کڻي چيو تہ ”آمين! آمين!“ پوءِ هنن منهن ڀر زمين تي ڪري خداوند کي سجدو ڪيو.


انهن خدا جي شريعت جي ڪتاب مان صاف صاف پئي پڙهيو ۽ ان جي معنيٰ پئي سمجھائي تہ جيئن جيڪو پڙهيو ٿي ويو سو ماڻهو سمجھي سگھن.


هو ڏينهن جي هڪ پهر تائين بيٺا رهيا ۽ کين خداوند پنهنجي خدا جي شريعت جي ڪتاب مان پڙهي ٻڌايو ويو. ٻئي پهر ۾ هنن پنهنجا گناهہ باسيا ۽ خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪيائون.


تنهن کان پوءِ لاوين مان يشوع، باني، قدمي‌ايل، سبنياہ، بني، سريبياہ، باني ۽ ڪنعاني منبر تي بيهي خداوند پنهنجي خدا کي وڏي آواز سان ٻاڏائڻ لڳا.


ان سان گڏ اوهين بني اسرائيل کي اهي سڀ قانون سيکاريو جيڪي مون موسيٰ جي معرفت کين ٻڌايا آهن.“


بيشڪ ڪاهن جو اهو ئي فرض آهي تہ کيس مون خدا بابت صحيح ڄاڻ هجي، تہ جيئن ماڻهو کانئس شريعت جي تعليم حاصل ڪن، ڇو تہ ڪاهن مون قادرِمطلق خداوند جو پيغام ڏيندڙ آهي.“


هو بني اسرائيل کي تنهنجي شريعت جا حڪم سيکارين ٿا. هو تنهنجي حضور ۾ لوبان ساڙين ٿا، ۽ ساڙڻ واريون قربانيون تنهنجي قربان‌گاهہ تي پيش ڪندا رهن ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ