نحمياہ 8:6 - Muslim Sindhi Bible6 جڏهن عزرا خداوند عظيم خدا جي واکاڻ ڪئي، تڏهن سڀني ماڻهن پنهنجا هٿ مٿي کڻي چيو تہ ”آمين! آمين!“ پوءِ هنن منهن ڀر زمين تي ڪري خداوند کي سجدو ڪيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible6 ۽ عزرا، خداوند، عظيم خدا کي مبارڪ چيو، ۽ سڀني ماڻهن ورندي ڏيئي، پنهنجا هٿ مٿي کڻي چيو تہ آمين: پوءِ ڪنڌ جهڪائي زمين تي منهن رکي خداوند کي سجدو ڪيائون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن مون پنهنجي جھول ڇنڊيندي هيئن چيو تہ ”شل خداوند هن طرح هر انهيءَ ماڻهوءَ کي پنهنجي گھر کان ۽ پنهنجي ملڪيت کان ڇنڊي اڇلائي ڇڏي، جيڪو پنهنجي واعدي تي پورو نہ رهي.“ تنهن تي اتي گڏ ٿيل سڀني ماڻهن ”آمين“ چيو. ان کان پوءِ هو خداوند جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. سو انهن سڀني ماڻهن ائين ئي ڪيو، جيئن واعدو ڪيو هئائون.