Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 8:17 - Muslim Sindhi Bible

17 جيڪي ماڻهو جلاوطنيءَ مان واپس آيا هئا، سي سڀيئي تنبو ٺاهي انهن ۾ رهڻ لڳا. يشوع ولد نون جي ڏينهن کان وٺي هيستائين بني اسرائيل اها عيد ڪانہ ملهائي هئي. سو هنن تمام گھڻي خوشي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ جيڪي ماڻهو قيد مان وري نڪري آيا هئا، تن جي سڄي جماعت لانڍيون جوڙيون، ۽ انهن لانڍين ۾ رهڻ لڳا: ڇالاءِ جو يشوع بن نون جي ڏينهن کان وٺي انهيءَ ڏينهن تائين بني اسرائيل ائين نہ ڪيو هو. ۽ ڏاڍي خوشي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 8:17
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن انهيءَ ڏينهن خداوند جي حضور ۾ وڏي خوشيءَ سان کاڌو پيتو. پوءِ هنن ٻيهر دائود جي پٽ سليمان کي خداوند جي حضور ۾ مسح ڪري بادشاهہ مقرر ڪيو. هنن صدوق کي پڻ مسح ڪري ڪاهن مقرر ڪيو.


اهڙيءَ طرح يروشلم ۾ ڏاڍي خوشي ملهائي ويئي، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل جي بادشاهہ سليمان ولد دائود کان پوءِ اهڙي خوشي يروشلم ۾ اڳ نہ ٿي هئي.


انهيءَ جهڙي عيد فصح سموئيل نبيءَ جي ڏينهن کان وٺي ڪنهن بہ بادشاهہ ڪڏهن نہ ملهائي هئي، جهڙي بادشاهہ يوسياہ، ڪاهنن، لاوين ۽ يروشلم جي رهاڪن سميت پوري يهوداہ ۽ اسرائيل وارن ملهائي.


هو اهي ساڙڻ واريون قربانيون موسيٰ جي شريعت موجب مخصوص ڏينهن تي مقرر طريقي مطابق پيش ڪندو هو، جهڙوڪ: سبت جي ڏينهن تي، نئين چنڊ تي، سال ۾ ٽي ڀيرا مقرر عيدن تي يعني بي‌خميري مانيءَ جي عيد تي، لاباري جي عيد تي ۽ تنبن واري عيد تي.


هنن شرعي دستور موجب تنبن واري عيد ملهائي ۽ هر روز جون باهہ سان ساڙيون ويندڙ مقرر ڪيل قربانيون حڪم موجب پيش ڪيون.


اهو ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رهيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو هن کي پيءُ جي هڪڙي ئي فرزند هئڻ ڪري مليو ۽ هو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور هو.


خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾، انهيءَ ئي عبادت واري جاءِ تي وڃي خوشيون ڪندي ملهائجو. جيئن تہ خداوند اوهان جي خدا اوهان جي سموري پيداوار ۾ ۽ اوهان جي هٿ جي سموري پورهئي ۾ برڪت وڌي آهي، سو اوهين پوريءَ طرح خوشيون ڪجو.


اهو ايمان ئي هو جنهن تي اهي سڀ مرڻ گھڙيءَ تائين قائم رهيا. جيتوڻيڪ کين ڪجھہ بہ نہ مليو، جنهن جو خدا ساڻن واعدو ڪيو هو، تڏهن بہ پري کان ئي سڀ ڪجھہ ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيائون. ان سان گڏ هنن اقرار ڪيو تہ ”اسين ڌرتيءَ تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.“


ايمان جي ڪري ئي خدا جي واعدي ڪيل ملڪ ۾ ابراهيم تنبن ۾ هڪ پرديسيءَ وانگر رهيو. اسحاق ۽ يعقوب جيڪي سندس اولاد هئا ۽ خدا جي ساڳئي واعدي ۾ ساڻس گڏ وارث هئا، سي بہ ابراهيم وانگر تنبن ۾ رهندا هئا.


ڏسو، يشوع بني اسرائيل جي ٻي پيڙهيءَ کي انهيءَ ملڪ يعني ڪنعان ۾ تہ آندو، پر کين آرام ڪونہ مليو. جيڪڏهن ان وقت کين آرام ملي ها، تہ بعد ۾ آرام ڏيڻ لاءِ خدا ڪنهن ٻئي ڏينهن جو ذڪر نہ ڪري ها.


خداوند جي ٻانهي موسيٰ جي وفات کان پوءِ موسيٰ جي خادم يشوع ولد نون سان خداوند ڳالهايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ