Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 8:16 - Muslim Sindhi Bible

16 سو ماڻهو اوڏانهن ويا ۽ اهي سڀ ٽاريون آندائون، جن مان پنهنجن گھرن جي ڇتين تي، پنهنجن اڱڻن ۾، خدا جي گھر جي اڱڻن ۾ ۽ پاڻيءَ واري دروازي واري کُليل ميدان ۽ افرائيم واري دروازي واري کُليل ميدان وٽ پنهنجي لاءِ تنبو ٺاهيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 تڏهن ماڻهو نڪري ويا ۽ اُهي کڻي آيا، ۽ پنهنجي لاءِ لانڍيون جوڙيائون، سڀني پنهنجن گهرن جي مٿان، ۽ پنهنجن ايوانن ۾، ۽ خدا جي گهر جي ايوانن ۾، ۽ پاڻيءَ واري دروازي جي ڪشادي ميدان تي، ۽ افرائيم واري دروازي جي ڪشادي ميدان تي لانڍيون جوڙيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 8:16
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هڪڙي ڏينهن شام جو دائود جڏهن پنهنجي پلنگ تان اُٿي شاهي محل جي ڇت تي ٽهلڻ لڳو، تہ ڇت تان هن هڪڙيءَ عورت کي وهنجندي ڏٺو. اها عورت ڏاڍي خوبصورت هئي.


يهوآس امصياہ کي بيت‌شمس مان جنگي قيدي بڻائي يهوداہ جي گاديءَ واري شهر يروشلم ڏانهن وٺي آيو. هن اتي يروشلم جي ٻاهران نڪتل ڪوٽ جي ڀت کي افرائيم دروازي کان وٺي ڪنڊ واري دروازي تائين اٽڪل ٻہ سؤ ميٽر ڊيگھہ ۾ ڊاهي ڇڏيو.


پوءِ يهوسفط يروشلم شهر بلڪ پوري يهوداہ ملڪ جي ماڻهن جي اڳيان خداوند جي هيڪل جي نئين اڱڻ آڏو ٿي بيٺو


هن هيڪل جي ٻنهي اڱڻن ۾ آسماني سيارن ۽ ستارن جي پوڄا لاءِ قربان‌گاهون ٺهرايون.


چشمي واري در مٿان ڀت تي هلندا اُهي سڌو دائود جي شهر جي ڏاڪڻ تان چڙهي مٿينءَ ڀت تي پهتا ۽ دائود جي محل وٽان گذرندا اوڀر طرف پاڻيءَ واري دروازي تائين هليا ويا.


تان جو اسين افرائيم واري دروازي، پراڻي دروازي، مڇيءَ واري دروازي، حنن‌ايل ٺُلهہ ۽ سؤ نالي ٺُلهہ کان ويندي رڍن واري دروازي تائين سندن پٺيان وياسين. هيڪل جي پهريدارن واري دروازي وٽ هو بيهي رهيا.


۽ خداوند جي گھر جا خدمتگار جيڪي عوفل ٽڪريءَ تي رهندا هئا، تن اوڀر طرف پاڻيءَ واري دروازي ۽ ٻاهر نڪتل ٺُلهہ جي سامهون تائين ڀت جي تعمير ڪئي.


جڏهن بني اسرائيل پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آباد ٿي ويا، تڏهن ستين مهيني جي پهرينءَ تاريخ تي سڀ ماڻهو يڪمشت ٿي يروشلم جي پاڻيءَ واري دروازي جي اڳيان کُليل ميدان ۾ اچي گڏ ٿيا. شريعت جي عالم عزرا ڪاهن کي هنن عرض ڪيو تہ هو موسيٰ جي شريعت جو ڪتاب آڻي پڙهي ٻڌائي، جنهن ۾ خداوند بني اسرائيل لاءِ حڪم ڏنا آهن.


عزرا پرهہ ڦٽيءَ کان وٺي منجھند تائين انهيءَ کُليل ميدان ۾ جيڪو پاڻيءَ واري دروازي جي اڳيان هو، اهو ڪتاب پڙهي ٻڌايو ۽ سڀني اهو ڌيان سان پئي ٻڌو.


بابلي شهر تي حملو ڪري انهيءَ ۾ اندر داخل ٿيندا ۽ شهر کي باهہ ڏيئي ساڙيندا. انهن گھرن کي بہ ساڙيو ويندو، جن جي ڇتين تي بعل ديوتا جي لاءِ لوبان ساڙيو ويندو آهي ۽ ٻين غير معبودن جي لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيون وينديون آهن، جنهن ڪري مون کي ڪاوڙ آئي آهي.


جڏهن اوهين ڪو نئون گھر ٺاهيو، تڏهن پنهنجيءَ ڇت تي چوڌاري پلويڙو ٻڌائجو، انهيءَ لاءِ تہ متان ڪو ماڻهو اتان ڪري پوي ۽ سندس خون اوهان جي گھر تي اچي پوي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ