Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 8:15 - Muslim Sindhi Bible

15 ان کان علاوہ هي بہ تہ هو يروشلم ۽ پنهنجي سڀني شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اهو اعلان ڪن تہ ”جابلو علائقي ڏانهن نڪري وڃو ۽ زيتون، چيل ۽ ٻين گھاٽن وڻن جون ٽاريون ۽ مينديءَ جي ٻوٽن جون ٽاريون ۽ کجيءَ جون ڇڙهيون تنبن ٺاهڻ لاءِ کڻي اچو، جيئن لکيل آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ پنهنجن سڀني شهرن ۾، ۽ يروشلم ۾، اشتهار ڪن، ۽ پڌرائي ڪرائين، ۽ چون تہ نڪري جبل ڏانهن وڃو ۽ زيتون جون ٽاريون ۽ جهنگلي زيتون جون ٽاريون، ۽ مر جي وڻن جون ٽاريون، ۽ کجيءَ جون ٽاريون، ۽ گهاٽن وڻن جون ٽاريون لانڍين جوڙڻ لاءِ آڻيو، جيئن ڪ لکيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 8:15
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اها سانجھيءَ جو وٽس موٽي آئي ۽ ان جي چهنب ۾ هڪڙو زيتون جو تازو ڇنل پن هو، جنهن مان نوح سمجھيو تہ ڌرتيءَ تان پاڻي لهي ويو آهي.


”مون خداوند جا مقرر ڪيل هي وڏا ڏينهن بہ اوهين انهن جي وقت تي ملهائجو.


پهرئين ڏينهن اوهين پنهنجي وڻن جو عمدو ميوو، کجيءَ جون ڇڙهيون، گھاٽن پنن واريون ٽاريون ۽ نهرن جون ليون کڻجو ۽ ستن ڏينهن تائين مون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ملهائجو.


رات جي وقت مون رويا ۾ ڏٺو تہ منهنجي اڳيان هيٺاهين ماٿريءَ ۾ مينديءَ جا وڻ آهن، تڏهن ڇا ڏسان تہ ڳاڙهي گھوڙي تي سوار هڪڙو ملائڪ انهن مينديءَ جي وڻن جي وچ ۾ مون آڏو اچي بيٺو. هن جي پٺيان ڳاڙهي، ابلق ۽ اڇي رنگ وارن گھوڙن تي ڪي ٻيا بہ سوار هئا.


عيسيٰ ۽ سندس شاگرد جڏهن يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر تي بيت‌فگاہ ڳوٺ جي سامهون اچي پهتا، تڏهن اتان عيسيٰ ٻن شاگردن کي اڳتي ڳوٺ ڏانهن روانو ڪيو.


سو اهي ميڙ وارا کجيءَ جون ڇڙيون هٿن ۾ کڻي سندس آڌرڀاءَ لاءِ اڳڀرو ويا ۽ نعرا هڻڻ لڳا تہ ”خدا جي واکاڻ هجي! سڀاڳو آهي اهو، جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي! بني اسرائيل جو بادشاهہ مبارڪ، مبارڪ!“


سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني عيد فصح تي، لاباري جي عيد تي ۽ تنبن واري عيد تي اوهان جي قوم جا سڀيئي مرد ماڻهو، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾، سندس چونڊيل جاءِ تي اچي حاضر ٿين. انهن مان ڪوبہ خداوند جي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.


انهن ڳالهين کان پوءِ ڇا ڏسان تہ هڪ وڏو ميڙ آهي، جنهن کي ڪوبہ ڳڻي نہ ٿي سگھيو! اهو هر قوم، قبيلي، ذات ۽ هر ٻوليءَ مان هو. اهي اڇو جبو پايو، کجيءَ جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽڙي جي اڳيان بيٺا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ