نحمياہ 7:72 - Muslim Sindhi Bible72 باقي ٻين ماڻهن جيڪي ڪجھہ ڏنو، سو جملي اٽڪل هڪ سؤ ستر ڪلوگرام سون، هڪ هزار هڪ سؤ ڪلوگرام چاندي ۽ ڪاهنن وارا ستهٺ لباس هئا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible72 ۽ باقي ٻين ماڻهن جيڪي ڏنو سو هو ويهہ هزار درهم سون جا ۽ ويهہ هزار مَنا چانديءَ جا ۽ ستهٺ ڪاهنن جون پوشاڪون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اسين سڀيئي ماڻهو، ڪاهن، لاوي، هيڪل جا دربان، ڳائڻا ۽ خدمتگار ۽ اُهي سڀ ماڻهو جن خدا جي شريعت خاطر پنهنجي ملڪ ۾ رهندڙ ڌارين قومن کان پاڻ کي ڌار ڪيو آهي، اسان جون زالون، پٽ، ڌيئرون، پنهنجن ڀائرن ۽ پنهنجن اميرن سان شامل ٿي پنهنجي عقل ۽ هوش حواس سان قسم تي چئون ٿا ۽ لکي ٿا ڏيون ۽ جيڪڏهن انهيءَ اقرار جي ڀڃڪڙي ڪريون تہ اسان تي لعنت هجي. ”اسين خدا جي انهيءَ شريعت تي هلنداسين، جيڪا خدا جي ٻانهي موسيٰ جي معرفت ڏني ويئي آهي. اسين خداوند پنهنجي خدا جي سڀني حڪمن ۽ قاعدن قانونن کي مڃينداسون ۽ انهن تي عمل ڪنداسون.