Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 7:70 - Muslim Sindhi Bible

70 ڪيترن ئي ماڻهن هيڪل جي نئين سر تعمير ڪرڻ لاءِ نذرانا ڏنا. يهوداہ جي گورنر پاڻ بہ خزاني ۾ سون جا اٽڪل ساڍا اٺ ڪلوگرام، پنجاهہ پيالا ۽ پنج سؤ ٽيهہ ڪاهنن وارا لباس ڏنا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

70 ۽ ابن جي گهراڻن جي رئيسن مان ڪن ڪم جي لاءِ نذرانا ڏنا. ترشاتا، خزاني ۾ سون جا هڪ هزار درهم، پنجاهہ ٿالهيون، پنج سؤ ٽيهہ ڪاهنن جون پوشاڪون ڏنيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 7:70
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تغاريون، ڪوڏريون ۽ ٿالهہ. اهي سڀ شيون جيڪي حورام ڪاريگر سليمان بادشاهہ جي خڪم مطابق خداوند جي هيڪل ۾ ٺاهيون سي چمڪندڙ پتل جون هيون.


دائود کيس اهي هدايتون پڻ ڏنيون تہ ڪيترو نج سون گوشت جي ڪنڍن، ٿالهن ۽ جڳن تي لاتو وڃي ۽ چانديءَ ۽ سون جي ٿانون تي ڪيتري چاندي ۽ سون استعمال ڪيو وڃي.


هن تغاريون، ڪوڏريون ۽ ٿالهہ پڻ ٺهرايا. اهڙيءَ طرح حورام هيڪل لاءِ اهو سمورو پتل جو ڪم پورو ڪيو جنهن جو حڪم بادشاهہ سليمان کيس ڏنو هو،


هن ڏهہ ميزون ٺهرايون ۽ اهي بہ آڻي هيڪل ۾ رکرايائين، پنج ساڄي پاسي ۽ پنج کاٻي پاسي. هن هڪ سؤ سونا ٿالهہ پڻ ٺهرايا.


سڀ کان پهريائين نحمياہ گورنر ولد حڪلياہ تصديق ڪري مهر هنئي. ان کان پوءِ جن ڪاهنن تصديق ڪري مهر هنئي سي هي هئا: صدقياہ،


يهودي گورنر انهن کي حڪم ڏنو تہ تيستائين هو خداوند لاءِ ئي مخصوص شين مان ڪجھہ نہ کائين، جيستائين اُوريم ۽ ٿُميم سان خدمت ڪندڙ ڪو ڪاهن هجي جيڪو فيصلو ڪري.


اُٺن جو چار سؤ پنجٽيهہ ۽ گڏهن جو ڇهہ هزار ست سؤ ويهہ هو.


گھراڻن جي ڪن وڏن جي طرفان هيڪل جي ڪم لاءِ خزاني ۾ سون جا اٽڪل هڪ سؤ ستر ڪلوگرام ۽ چانديءَ جا اٽڪل هڪ هزار ٻہ سؤ ڪلوگرام ڏنا ويا.


شريعت جون ڳالهيون ٻڌي ماڻهو روئڻ لڳا. تنهن تي نحمياہ گورنر، عزرا ڪاهن ۽ شريعت جي عالمن ۽ لاوين ماڻهن کي سمجھاڻي ڏيندي چيو تہ ”اڄوڪو ڏينهن خداوند، اوهان جي خدا جي لاءِ مخصوص آهي، سو نہ ڪو ڏک ڪريو ۽ نہ روئو


انهيءَ جو رت ٿالهہ ۾ رکي اوهين زوفا ٻوٽي جو هڪڙو ڇڳو انهيءَ رت مان ٻوڙي پنهنجي پنهنجي ٻاهرين در جي ٻانهين ۽ سردرن تي لڳائجو. پوءِ صبح تائين اوهان مان ڪوبہ پنهنجي گھر جي در کان ٻاهر نہ نڪري.


موسيٰ رت جو اڌ کڻي ٿالهن ۾ وڌو ۽ ٻيو اڌ قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاريو.


ان کان علاوہ سون ۽ چانديءَ جون ٺهيل شيون جن ۾ پياليون، پيالا، ٽانڊن رکڻ لاءِ منگالا، رک لاءِ تغاريون، شمعدان، لوبان‌دان ۽ اوتڻ واري قربانيءَ جا پيالا شامل هئا، سي سڀ پڻ شاهي محافظن جو سالار کڻائي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ