Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 6:8 - Muslim Sindhi Bible

8 تڏهن مون هن ڏانهن هيءَ ورندي ڏياري موڪلي تہ ”جيڪي ڳالهيون تون ڪرين ٿو، انهن ۾ ڪابہ سچائي ڪانهي. تون اهي ڳالهيون پاڻ ٿو ٺاهين پيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 تڏهن مون هن کي چوائي موڪليو تہ جيڪي ڳالهيون تون ڪرين ٿو، انهن ۾ ڪوبہ سچ ڪونهي، بلڪ اهي تون پنهنجيءَ دل مان ٿو ٺاهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 6:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تو پنهنجا نبي بہ مقرر ڪيا آهن تہ جيئن تنهنجي باري ۾ يروشلم ۾ اهڙو اعلان ڪن تہ ’يهوداہ ۾ هڪڙو بادشاهہ بڻيو آهي.‘ هاڻي اهو اطلاع شهنشاهہ تائين بہ پهچندو، تنهنڪري اچ تہ گڏجي پاڻ ۾ صلاح ڪريون.“


اوهين منهنجو معاملو نہ سمجھندي رڳو ڪوڙيون ڳالهيون ويٺا ٺاهيو، اوهين سڀ جو سڀ نڪمن حڪيمن جيان آهيو، جو بيماري ئي نہ ٿا سمجھو.


انهن جي وات ۾ بڇڙائيءَ ۽ دغا جون ڳالهيون آهن. هنن ڏاهپ ۽ نيڪيءَ کي بلڪل ئي ڇڏي ڏنو آهي.


موقعو ڏسي منهنجي جان جا دشمن مون لاءِ ڦندا ٿا اڏين. هائو، جيڪي منهنجو نقصان ٿا چاهين، سي تباهيءَ جون ڳالهيون پيا ڪن. اهي مون سان دغا ڪرڻ لاءِ سڄو ڏينهن منصوبا پيا جوڙين.


تنهنجي زبان بڇڙائيءَ جا منصوبا پيئي جوڙي. اها پاڪيءَ جيان تکي آهي ۽ دغابازيءَ سان پيئي هلي.


عدالت ۾ اوهين سچائيءَ سان وڪالت نہ ٿا ڪريو، نڪي وري اوهان جا دليل سچ تي ٻڌل آهن، بلڪ اوهين ڪوڙ ٿا ڳالهايو، ۽ رڳو هوائي ڳالهيون ٿا ڪريو. جيئن تہ اوهان جي دلين ۾ دغا آهي، سو اوهين ٻين کي نقصان رسائڻ جون سازشون پيا ڪريو.


باقي هنن ٻنهي بادشاهن جي دل بڇڙائيءَ ڏانهن راغب هوندي. هو هڪڙي ئي دسترخوان تي ويهي هڪٻئي سان ڪوڙ ڳالهائيندا. پر انهن کي ڪوبہ فائدو نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ ايندڙ وقت ۾ ٿيڻ وارين ڳالهين جو خدا اڳ ئي وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي.


سو اي نانگ جا ٻچؤ! اوهين ڪيئن چڱيون ڳالهيون چئي سگھو ٿا، جڏهن تہ اوهين پاڻ بڇڙا آهيو. ڏسو، دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي.


اوهين پنهنجي پيءُ ابليس جو اولاد آهيو ۽ پنهنجي پيءُ جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. هو تہ شروعات کان وٺي خوني آهي ۽ ڪڏهن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو اٿائين، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ سچ آهي ئي ڪين. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي تہ پنهنجي فطرت موجب ٿو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو ڪوڙو آهي، بلڪ ڪوڙ جو باني آهي.


پولس وراڻيو تہ ”آءٌ قيصر جي ڪورٽ اڳيان بيٺو آهيان، تنهنڪري منهنجو فيصلو بہ هتي ٿيڻ گھرجي. اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ مون يهودين جو ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ڪيو آهي.


جڏهن پولس پهتو تڏهن يهودي جيڪي يروشلم کان آيا هئا، سي چوگرد ڦري آيس ۽ مٿس گھڻيون ئي سخت تهمتون هڻڻ لڳا. پر هو انهن جي ڪا ثابتي ڏيئي نہ سگھيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ