Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 6:7 - Muslim Sindhi Bible

7 ۽ تو پنهنجا نبي بہ مقرر ڪيا آهن تہ جيئن تنهنجي باري ۾ يروشلم ۾ اهڙو اعلان ڪن تہ ’يهوداہ ۾ هڪڙو بادشاهہ بڻيو آهي.‘ هاڻي اهو اطلاع شهنشاهہ تائين بہ پهچندو، تنهنڪري اچ تہ گڏجي پاڻ ۾ صلاح ڪريون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ تو نبي بہ مقرر ڪيا آهن، تہ تنهنجي نسبت ۾ يروشلم ۾ منادي ڪن، ۽ چون تہ يهوداہ ۾ هڪڙو بادشاهہ آهي: ۽ هاڻي انهن ڳالهين موجب بادشاهہ کي خبر ڏني ويندي. تنهنڪري هاڻي اچ تہ گڏجي پاڻ ۾ صلاح ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 6:7
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ادونياہ اڳي ئي بادشاهہ بڻجي ويٺو آهي ۽ منهنجا آقا بادشاهہ، توهان کي انهيءَ جي ڪابہ خبر ڪانهي.


ڇاڪاڻ تہ هن اڄ وڃي گھڻي تعداد ۾ ڏاند، متارا وهڙا ۽ رڍون قربان ڪيون آهن. هن سڀني شهزادن، تنهنجي لشڪر جي سپهہ‌سالار ۽ ابي‌ياتر ڪاهن جي دعوت ڪئي آهي. هينئر هو ساڻس گڏ کائن پيئن ٿا ۽ چون ٿا تہ ’ادونياہ بادشاهہ زندہ آباد.‘


اُتي صدوق ڪاهن ۽ ناتن نبي سليمان کي بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ بڻجڻ لاءِ مسح ڪن. پوءِ اوهين نفيلون وڄائي چئجو تہ ’بادشاهہ سليمان زندہ آباد!‘


پوءِ ادونياہ وڃي يوآب، جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي تنهن سان ۽ ابي‌ياتر ڪاهن سان صلاح مصلحت ڪئي ۽ هو ٻئي سندس مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا.


جنهن ۾ لکيل هو تہ ”جشم چوي ٿو تہ قومن ۾ اها ڳالهہ پڌري ٿي ويئي آهي تہ تون ۽ يهودي ماڻهو بغاوت ڪرڻ وارا آهيو، انهيءَ ڪري ئي تون ڀتيون ٿو تعمير ڪرائين. انهيءَ کان سواءِ اهي بہ اطلاع آهن تہ تون بادشاهہ بڻجڻ وارو آهين


تڏهن مون هن ڏانهن هيءَ ورندي ڏياري موڪلي تہ ”جيڪي ڳالهيون تون ڪرين ٿو، انهن ۾ ڪابہ سچائي ڪانهي. تون اهي ڳالهيون پاڻ ٿو ٺاهين پيو.“


سو هاڻي اوهين ڪائونسل وارا گڏجي بهانو ڪري ڪپتان کي عرض ڪريو تہ هو پولس کي وڌيڪ جاچ لاءِ اوهان وٽ موڪلي. پوءِ اوهان وٽ پهچڻ کان اڳواٽ ئي اسين کيس ماري وجھنداسون.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ