Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 6:4 - Muslim Sindhi Bible

4 هنن چار دفعا مون ڏانهن ساڳيو ئي پيغام موڪليو ۽ مون بہ هر دفعي کين ساڳيو ئي جواب ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ هنن چار ڀيرا انهيءَ طرح مون کي گهرايو؛ ۽ مون بہ ساڳيو جواب ڏنومان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 6:4
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو مون هنن کي قاصدن جي هٿان هيئن چوائي موڪليو تہ ”آءٌ هڪڙي وڏي ڪم ۾ مصروف آهيان. تنهنڪري اچي نہ ٿو سگھان. جيڪڏهن آءٌ اوهان وٽ ايندس تہ ڪم رڪجي ويندو.“


پوءِ سنبلط پنجين دفعي ساڳئي نموني پنهنجو هڪ نوڪر مون ڏانهن موڪليو پر هن دفعي هن جي هٿ ۾ هڪڙو کُليل خط هو،


نادان ماڻهو سڀ ڪنهن ڳالهہ تي ويساہ ٿو ڪري، مگر سياڻو ماڻهو سوچي سمجھي قدم ٿو کڻي.


مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري هن کيس موهي وڌو ۽ پنهنجي چاپلوسيءَ وارين ڳالهين سان کيس ڌتاري ورتائين.


تڏهن بہ جيئن تہ هيءَ رن‌زال اچي مون کي ڪڪ ٿي ڪري، تنهنڪري ساڻس انصاف ڪندس، نہ تہ هيءَ بار بار اچي مون کي بيزار ڪندي.‘“


تہ پوءِ اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت قدم رهو. خداوند عيسيٰ جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا هلو، اهو ڄاڻيندي تہ سندس خدمت ۾ اوهان جو پورهيو اجايو نہ آهي.


انهن جي تابع رهڻ اسان هڪڙي گھڙي بہ قبول نہ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ خوشخبريءَ جي سچائي اوهان ۾ قائم رهي.


تڏهن دليلہ سمسون کي چيو تہ ”تو مون کي بي‌وقوف بڻايو آهي ۽ مون سان ڪوڙ ڳالهايو اٿيئي. سو مهرباني ڪري هاڻي مون کي ٻڌاءِ تہ تو کي ڇا سان ٻڌي سگھجي ٿو.“


سو دليلہ سمسون کي چيو تہ ”تنهنجي هيتري طاقت جو راز ڇا آهي ۽ ڪهڙيءَ طرح تو کي ٻڌي بي‌وس بڻائي ٿو سگھجي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ