Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 6:3 - Muslim Sindhi Bible

3 سو مون هنن کي قاصدن جي هٿان هيئن چوائي موڪليو تہ ”آءٌ هڪڙي وڏي ڪم ۾ مصروف آهيان. تنهنڪري اچي نہ ٿو سگھان. جيڪڏهن آءٌ اوهان وٽ ايندس تہ ڪم رڪجي ويندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ مون هنن کي قاصدن جي هٿان چوائي موڪليو تہ آءٌ هڪڙو وڏو ڪم پيو ڪريان، تنهنڪري اچي نٿو سگهان: ڇالاءِ آءٌ ڪم ڇڏي اوهان وٽ لهي اچان، ۽ اهو ڇو بند رهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 6:3
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري مون ڀتين جي رهيل وڇوٽين وٽ هيٺاهين ۽ کُليل جاين تي، ماڻهن کي تلوارن، تيرڪمانن ۽ نيزن سان سندن قبيلن موجب بيهاري ڇڏيو.


تڏهن سنبلط ۽ جشم مون ڏانهن هي پيغام موڪليو تہ ”اچ تہ اونو جي ميدان واري فلاڻي ڳوٺ ۾ ملاقات ڪريون.“ پر هنن مون کي نقصان پهچائڻ جو ارادو ڪيو هو.


هنن چار دفعا مون ڏانهن ساڳيو ئي پيغام موڪليو ۽ مون بہ هر دفعي کين ساڳيو ئي جواب ڏنو.


نادان ماڻهو سڀ ڪنهن ڳالهہ تي ويساہ ٿو ڪري، مگر سياڻو ماڻهو سوچي سمجھي قدم ٿو کڻي.


اوهين جيڪو بہ ڪم ڪريو، سو دل وَ جان سان ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهين جلد ئي مئلن جي دنيا ڏانهن هليا ويندا، جتي نہ ڪو ڪم ڪار آهي، نڪو ڪو سوچ ويچار، نڪو علم آهي ۽ نہ ئي وري ڪا ڏاهپ.


”ڏسو، آءٌ اوهان کي ڄڻ تہ رڍن وانگر بگھڙن منجھہ موڪليان ٿو، تنهنڪري اوهين نانگن وانگر چالاڪ ۽ ڪبوترن وانگر بي‌ضرر ٿجو.


’هن ماڻهوءَ اڏاوت تہ شروع ڪئي پر پوري نہ ڪري سگھيو.‘


ضروري آهي تہ جيستائين ڏينهن آهي تيستائين اسين انهيءَ جا ڪم ڪريون، جنهن مون کي موڪليو آهي. پر جڏهن رات ايندي تڏهن ڪوبہ ماڻهو ڪم ڪري نہ سگھندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ