Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 6:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن سنبلط ۽ جشم مون ڏانهن هي پيغام موڪليو تہ ”اچ تہ اونو جي ميدان واري فلاڻي ڳوٺ ۾ ملاقات ڪريون.“ پر هنن مون کي نقصان پهچائڻ جو ارادو ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 تڏهن سنبلط، ۽ جشم، مون کي چوائي موڪليو تہ اچ تہ اونو جي ميدان ۾ هڪڙي ڳوٺ ۾ گڏجون. پر هنن مون کي نقصان پهچائڻ جو ارادو ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 6:2
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يوآب عماسا کي چيو تہ ”اي منهنجا ڀاءُ! تنهنجو ڪهڙو حال آهي؟“ پوءِ يوآب عماسا کي ساڄي هٿ سان ڏاڙهيءَ کان جھلي کيس چمي ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌيو.


جڏهن ابنير حبرون ۾ موٽي آيو، تڏهن يوآب ساڻس اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائڻ جي بهاني کيس هڪ پاسي دروازي واري وچين حصي ۾ وٺي ويو ۽ اتي پنهنجي ڀاءُ عساهيل جي خون جي عيوض هن کي پيٽ ۾ خنجر هڻي ماري وڌائين.


الفعل جا پٽ هي هئا: عبر، مشعام ۽ سامد. اونو ۽ لُد شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت سامد ٺهرايا.


لود، اونو شهرَ ۽ خراسيم ماٿري.


انهيءَ کان پوءِ آس‌پاس واري علائقي جي ڪاهنن مرمت جو ڪم ڪيو.


سو مون هنن کي قاصدن جي هٿان هيئن چوائي موڪليو تہ ”آءٌ هڪڙي وڏي ڪم ۾ مصروف آهيان. تنهنڪري اچي نہ ٿو سگھان. جيڪڏهن آءٌ اوهان وٽ ايندس تہ ڪم رڪجي ويندو.“


هر ڪو ٻئي سان ڪوڙيون ڳالهيون پيو ڪري. اهي منهن جا مٺڙا ٿي پر دل ۾ دغا رکي ڳالهائين ٿا.


بدڪار ماڻهو سچارن جي خلاف ويٺا سازشون رٿين، ۽ مٿن پنهنجا ڏند پيا ڪرٽين.


بڇڙا ماڻهو سچارن جي تاڙ ۾ رهن ٿا. هو کين قتل ڪرڻ لاءِ وجھہ ڳوليندا وتن ٿا.


تنهن کان پوءِ مون محنت ۽ هنرمنديءَ جي ڪم بابت غور ڪيو ۽ ڏٺم تہ اهو سڀ ڪجھہ انسان هڪٻئي سان مقابلي ڪرڻ جي لاءِ ٿا ڪن. پر انهيءَ مان اصل مقصد جو پتو نہ ٿو پوي. اهو ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


تڏهن اسماعيل پنهنجي ڏهن ئي ساٿين سميت اُٿي جِدلياہ کي تلوار جا وار ڪري ماري ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ اهو بابل جي بادشاهہ طرفان مٿن گورنر مقرر ڪيو ويو هو.


سو اهي سڀ ٽولا ٽولا ٿي تو وٽ اچن ٿا ۽ تنهنجيون ڳالهيون ٻڌن ٿا. پر هو تنهنجي ٻڌايل ڳالهين تي عمل نہ ٿا ڪن. اهي هميشہ شهوت‌پرستيءَ جون ڳالهيون ڪندا ٿا رهن ۽ ٺڳيءَ ذريعي ٻين کي لٽڻ ڦرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ