Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 6:19 - Muslim Sindhi Bible

19 ان کان علاوہ ماڻهو منهنجي آڏو طوبياہ جي چڱن ڪمن جو بيان ڪندا رهندا هئا ۽ منهنجيون ڳالهيون بہ کيس ٻڌائيندا رهندا هئا، جڏهن تہ طوبياہ مون کي ڊيڄارڻ لاءِ خط موڪليندو رهندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 هنن منهنجي اڳيان سندس چڱن ڪمن جو بہ ذڪر ڪيو هو، ۽ منهنجون ڳالهيون کيس ٻڌائيندا هئا، ۽ طوبياہ منهنجي ڊيڄارڻ لاءِ خط موڪليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 6:19
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن کي انهيءَ لاءِ لالچ ڏني ويئي هئي تہ جيئن هو مون کي ڊيڄاري، تان‌تہ ائين ڪرڻ سان آءٌ گنهگار ۽ بدنام ٿيان ۽ پوءِ هو مون کي ملامت ڪن.


يهوداہ وارن مان گھڻن ئي هن سان قول اقرار ڪيا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو سڪنياہ ولد ارخ يهوديءَ جو ناٺي هو ۽ سندس پٽ يهوحانان مسلام ولد برڪياہ جي ڌيءَ سان پرڻيل هو.


اهي سڀيئي ڄاڻي‌واڻي اسان کي ڊيڄارين پيا تہ جيئن اسين دل شڪستہ ٿي پئون ۽ اهو ڪم پورو نہ ٿي سگھي. پر مون دعا گھري تہ ”اي خدا! تون مون کي همت ڏي.“


جڏهن ڀتيون ٺهي راس ٿي ويون ۽ مون منجھن دروازا لڳرايا ۽ هيڪل ۾ دربان، ڳائڻا ۽ ٻيا لاوي مقرر ٿيا،


جيڪي شريعت تي هلڻ ڇڏي ٿا ڏين، سي بدڪارن جي تعريف ٿا ڪن. مگر شريعت تي قائم رهڻ وارا هميشہ انهن جي مخالفت ٿا ڪن.


جيڪڏهن اوهين دنيا جا هجو ها تہ جيڪر دنيا اوهان سان پنهنجن جهڙو پيار ڪري ها. پر اوهين دنيا جا نہ آهيو، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان کي دنيا مان چونڊي ڪڍيو آهي، تنهنڪري دنيا اوهان کان نفرت ڪري ٿي.


دنيا اوهان کان نفرت ڪري نہ ٿي سگھي پر اها مون کان نفرت ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هن کي ٻڌائيندو رهيو آهيان تہ هن جا ڪم بڇڙا آهن.


اهي ماڻهو دنيا جا آهن، تنهنڪري هو دنيا جون ڳالهيون ڪن ٿا ۽ دنيا انهن جي ٻڌي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ