نحمياہ 6:16 - Muslim Sindhi Bible16 جڏهن اسان جي آسپاس رهندڙ سڀني دشمن قومن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن پنهنجي ئي نظرن ۾ ڪري پيا ۽ همت هاري ويٺا، ڇاڪاڻ تہ هنن سمجھيو تہ اهو ڪم اسان جي خدا جي مدد سان ٿيو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible16 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسانجن سڀني دشمنن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن جيڪي غير قوم وارا اسان جي آس پاس هئا، سي ڊنا ۽ خود پنهنجي نظر ۾ تمام ذليل ٿيا: ڇالاءِ جو هنن سهي ڪيو تہ اهو ڪم اسان جي خدا جو ڪيل آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
امورين جا سڀ بادشاهہ جيڪي اردن درياءَ جي اولهہ طرف رهندا هئا ۽ ڪنعانين جا سڀ بادشاهہ جيڪي ڀُونوِچ سمنڊ جي ويجھو رهندا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ خداوند اردن درياءَ جو پاڻي بني اسرائيل جي اڳيان سڪائي ڇڏيو آهي، جيستائين هو لنگھي پار ٿيا، تڏهن هنن جون دليون گھٻرائجي ويون ۽ بني اسرائيل سان منهن ڏيڻ جي منجھن ڪا همت ڪانہ رهي.