نحمياہ 6:14 - Muslim Sindhi Bible14 تنهنڪري اي منهنجا خدا! طوبياہ ۽ سنبلط جي افعالن ڏانهن ڏس ۽ نبياڻي سڏائيندڙ نوعيدياہ ۽ ٻين نبي سڏائيندڙن ڏانهن بہ ڏس، جيڪي مون کي ڊيڄارڻ ٿا گھرن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible14 اي منهنجا خدا، طوبياہ ۽ سنبلط کي سندن ڪمن موافق ياد ڪر، ۽ نوعيدياہ نبياڻي، ۽ باقي ٻين نبين کي بہ، جن مون کي ڊيڄارڻ ٿي گهريو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي همايمان ڀاءُ ڀيڻ کي اهڙو گناهہ ڪندو ڏسي، جنهن جو نتيجو موت نہ آهي تہ کيس هن لاءِ خدا کان دعا گھرڻ کپي، جيڪو کيس زندگي بخشيندو. هي انهن لاءِ آهي جيڪي اهڙا گناهہ ٿا ڪن جن جو نتيجو موت نہ آهي. پر اهڙو گناهہ بہ آهي، جنهن جو نتيجو موت آهي. آءٌ نہ ٿو چوان تہ کيس انهيءَ گناهہ ڪرڻ واري بابت دعا گھرڻ کپي.