Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 6:13 - Muslim Sindhi Bible

13 هن کي انهيءَ لاءِ لالچ ڏني ويئي هئي تہ جيئن هو مون کي ڊيڄاري، تان‌تہ ائين ڪرڻ سان آءٌ گنهگار ۽ بدنام ٿيان ۽ پوءِ هو مون کي ملامت ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 هو انهيءَ لاءِ ڀاڙي ڪيو ويو هو، تہ آءٌ ڊڄان، ۽ ائين ڪريان، ۽ گناهہ ڪريان، تہ هنن کي بدنامي ڪرڻ جو وجهہ ملي، ۽ هو مون کي طعنا هڻن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 6:13
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ آءٌ سمجھي ويس تہ هن کي خدا ائين نہ چيو آهي، پر هو اها پيشن‌گوئي منهنجي خلاف ان ڪري ٿو ڪري جو طوبياہ ۽ سنبلط کيس لالچ ڏني آهي.


جنهن ۾ لکيل هو تہ ”جشم چوي ٿو تہ قومن ۾ اها ڳالهہ پڌري ٿي ويئي آهي تہ تون ۽ يهودي ماڻهو بغاوت ڪرڻ وارا آهيو، انهيءَ ڪري ئي تون ڀتيون ٿو تعمير ڪرائين. انهيءَ کان سواءِ اهي بہ اطلاع آهن تہ تون بادشاهہ بڻجڻ وارو آهين


نيڪ نامي بي‌انتها خزاني کان، هائو، عزت سون چانديءَ کان وڌيڪ بهتر آهي.


جيڪو ماڻهو ٻين جي اجائي خوشامند ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ انهن لاءِ هڪڙو ڦندو ٿو اڏي.


جيئن نيڪ نامي قيمتي عطر کان وڌيڪ بهتر آهي، تيئن مرڻ جو ڏينهن ڄمڻ جي ڏينهن کان وڌيڪ بهتر آهي.


اي اوهين سڀ! جيڪي سچائيءَ واري رستي تي هلڻ ٿا چاهيو، ۽ جن منهنجي تعليم کي دل سان هنڊايو آهي، سي ڌيان ڏيئي ٻڌو. اوهين ماڻهن جي ملامت کان نہ گھٻرايو، نڪي انهن جي طعنن کان ڊڄو،


اي بني اسرائيل! ڀلا اوهين ڪنهن کان ٿا ڊڄو، ۽ ڪنهن جي ڊپ جي ڪري ڪوڙن معبودن کي ٿا پوڄيو، ۽ مون کي ياد بہ نہ ٿا ڪريو، نڪي پنهنجيءَ دل ۾ مون بابت سوچو ٿا؟ ڇا اهو سڀ هن ڪري نہ آهي جو آءٌ گھڻي عرصي کان ماٺ آهيان، ۽ اوهان کي ڪا سزا ڪانہ ڏني اٿم؟ اهو ئي سبب آهي جو اوهين مون کان نہ ٿا ڊڄو.


سو تون سندرو ٻڌي تيار ٿيءُ! جيڪو حڪم آءٌ تو کي ڏيان سو وڃي انهن کي ٻڌاءِ. انهن کان نہ ڊڄ، نہ تہ آءٌ تو کي انهن اڳيان گھڻو ڊنل بڻائيندس.


تڏهن ماڻهن چيو تہ ”اچو تہ يرمياہ جي خلاف ڪي منصوبا جوڙيون، ڇاڪاڻ تہ هن جي نہ هجڻ سان اسان جي ڪاهنن وٽان خدا جي شريعت هلي ڪين ويندي، نڪي اسان جي ڏاهن وٽان صلاح مصلحت ۽ نبين وٽان خداوند جو فرمان ختم ٿي ويندو. تنهنڪري اچو تہ سندس ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ بدران ڪو ڏوهہ ڏيئي کيس ڦاسايون.“


آءٌ ٻڌان ٿو تہ هر ڪو اها سُس پُس پيو ڪري تہ ”يرمياہ هر ڪنهن کي خوف ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي، سو هي موقعو آهي تہ اسين سندس خلاف ڪا شڪايت ڪريون.“ جن کي مون پنهنجو دوست ٿي سمجھيو سي بہ منهنجي ٺوڪر کائي ڪرڻ جا منتظر آهن، بلڪ هو سازش ٿا ڪن ۽ چون ٿا تہ ”ڀل تہ هي ٺڳجي وڃي، پوءِ اسين مٿس غالب اينداسين ۽ هن کان پنهنجو بدلو وٺنداسين.“


اي آدمزاد! تون انهن کان نہ ڊڄ، نڪي سندن ڳالهين کان ڪو خوف ڪر. جيتوڻيڪ اهي تنهنجي چوڌاري ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن وانگر آهن جو ڄڻ تہ تون وڇُن جي وچ ۾ آهين، تہ بہ تون انهن باغين جي ڳالهين کان نہ ڊڄ، نڪي انهن جي چهرن کان ڪو خوف کاءُ.


ماڻهن کان نہ ڊڄو، جيڪي رڳو جسم کي مارين ٿا پر روح کي نہ ٿا ماري سگھن. ان جي بدران خدا کان ڊڄو، جيڪو ٻنهي يعني جسم ۽ روح کي ماري دوزخ ۾ وجھي سگھي ٿو.


تڏهن فريسي هليا ويا ۽ وڃي پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تہ ڪهڙيءَ طرح عيسيٰ کي ڳالهائڻ ۾ ڦاسايو وڃي.


سردار ڪاهنن بلڪ يهودين جي سڄي ڪائونسل ڪوشش پئي ڪئي تہ عيسيٰ جي خلاف ڪا ڪوڙي شاهدي هٿ ڪن، تہ جيئن کيس موت جي سزا ڏيارين.


پوءِ اهي ڪن اهڙن ماڻهن کي اندر وٺي آيا، جيڪي هن جي مٿان ڪوڙي شاهدي ڏين. انهن ماڻهن چيو تہ ”هي ماڻهو هميشہ اسان جي مقدس هيڪل ۽ موسيٰ جي شريعت جي خلاف ڳالهائيندو آهي.


اوهان تي بار نہ ٿيڻ بابت آءٌ جيڪي ڪجھہ ڪريان ٿو سو ڪندو رهندس، تہ جيئن موقعي جي تاڙ ۾ رهندڙن کي ڪوبہ موقعو نہ ڏيان جو اهي فخر سان چون تہ هو بہ اسان جهڙي ئي خدمت ڪن ٿا.


تنهنڪري آءٌ چاهيان ٿو تہ جوان رنون‌زالون شادي ڪن، ٻار ڄڻين ۽ پنهنجا گھر سنڀالين. اهڙيءَ طرح اهي ڪنهن مخالف کي اسان تي ملامت ڪرڻ جو وجھہ نہ ڏين.


ائين ڪندو رهہ، ڇاڪاڻ تہ خدا اسان کي بزدليءَ وارو روح نہ ڏنو آهي، پر طاقت وارو، محبت وارو ۽ خود ضابطي وارو روح ڏنو اٿس.


اهڙي صحيح تعليم ڏي جيڪا ملامت جوڳي نہ هجي، انهيءَ لاءِ تہ مخالف ماڻهو اسان تي تهمت هڻڻ جو ڪوبہ سبب نہ ڏسي شرمندا ٿين.


مطلب تہ جيڪو ماڻهو چڱائي ڪرڻ ڄاڻي ٿو پر ڪري نہ ٿو تہ اهو سندس گناهہ ليکيو ويندو.


پر جيڪي ڊڄڻا، ايمان کان ڦرندڙ، ڪراهت جهڙا، قاتل، زناڪار، جادوگر، بت‌پرست ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جي جاءِ اها ڍنڍ هوندي، جيڪا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ڀڙڪي. اهو ئي ٻيو موت آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ