Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 6:10 - Muslim Sindhi Bible

10 پوءِ هڪ ڏينهن آءٌ سمعياہ ولد دلاياہ ولد مهيطبيل جي گھر ويس جيڪو گھر ۾ نظربند هو. هن مون کي چيو تہ ”اچ تہ خدا جي گھر ۾ گڏ ٿي هيڪل جا دروازا بند ڪري ڇڏيون، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو تو کي قتل ڪرڻ ٿا گھرن. هائو، رات جو هو تو کي قتل ڪرڻ لاءِ ايندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 پوءِ آءٌ سمعياہ بن دلاياہ بن مهيطبيل جي گهر ويس، جو بند پيو هو؛ ۽ هن چيو تہ اچو تہ هيڪل ۾ يعني تہ خدا جي گهر ۾ گڏ ٿيون، ۽ هيڪل جا در بند ڪري ڇڏيون: ڇالاءِ جو هو توکي ڪُهڻ ايندا؛ هائو؛ رات جو هو توکي ڪُهڻ لاءِ ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 6:10
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بعل‌حانان جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي هدر بادشاهي ڪئي. هدر جي شهر جو نالو پاعو هو ۽ سندس زال جو نالو مهيطب‌ايل هو، جيڪا مطرد جي ڌيءَ ۽ ميَ‌زاهاب جي ڏوهٽي هئي.


هيڪل جي ٻاهرين ڀتين سان هيڪل جي پٺيان ۽ ٻنهي پاسن کان هن ٽي منزلہ حجرا ٺهرايا.


انهيءَ کان پوءِ هو پنهنجي دائيءَ سان خداوند جي هيڪل ۾ ڇهہ سال لڪل رهيو جڏهن تہ عتلياہ ملڪ تي بادشاهي پئي ڪئي.


ايتري قدر جو اخي‌اب جو سڄو گھراڻو ناس ٿيندو. آءٌ سندس گھراڻي مان هر مرد کي ختم ڪري ڇڏيندس، پوءِ اهو غلام هجي توڙي آزاد.


آخز خدا جي گھر جو سمورو سامان ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. هن خدا جي گھر جا دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ يروشلم جي هر گھٽيءَ جي ڪنڊ تي غير معبودن لاءِ قربان‌گاهون ٺهرايائين.


حزقياہ نئين سال جي پهرئين مهيني ۾ پنهنجي بادشاهيءَ جي پهرئين سال خداوند جي گھر جا دروازا کولرايا ۽ انهن جي مرمت ڪرايائين.


هنن هيڪل جا ٻاهريان دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ ڏيئا وسائي ڇڏيائون. هنن انهيءَ مقدس هيڪل ۾ بني اسرائيل جي خدا لاءِ نہ لوبان ساڙيو ۽ نہ ئي وري ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪيون.


حارم جي اولاد مان اليعزر، يشياہ، ملڪياہ، سمعياہ، شمعون،


سو مون اليعزر، اريئيل، سمعياہ، الناتن، يريب، الناتن، ناتن، زڪرياہ ۽ مسلام اڳواڻن کي گھرايو ۽ پڻ يريب ۽ الناتن عالمن کي گھرايو.


پوءِ آءٌ سمجھي ويس تہ هن کي خدا ائين نہ چيو آهي، پر هو اها پيشن‌گوئي منهنجي خلاف ان ڪري ٿو ڪري جو طوبياہ ۽ سنبلط کيس لالچ ڏني آهي.


هر ڪو ٻئي سان ڪوڙيون ڳالهيون پيو ڪري. اهي منهن جا مٺڙا ٿي پر دل ۾ دغا رکي ڳالهائين ٿا.


بدڪار ماڻهو سچارن جي خلاف ويٺا سازشون رٿين، ۽ مٿن پنهنجا ڏند پيا ڪرٽين.


جيڪو خدا تي ايمان نہ ٿو رکي سو پنهنجي بڪواس سان پنهنجي پاڙيسريءَ کي برباد ٿو ڪري، مگر سچار ماڻهو ڏاهپ وارين ڳالهين سان پنهنجي پاڙيسريءَ جي حفاظت ٿو ڪري.


پوءِ مون باروڪ کي هدايت ڪئي تہ ”جيئن تہ مون کي منع ڪئي ويئي آهي، سو آءٌ خداوند جي گھر ۾ نہ ٿو وڃي سگھان،


پر خدا جو روح مون ۾ گھڙي آيو ۽ مون کي اٿاري پيرن ڀر بيهاريائين. تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”موٽي پنهنجي گھر وڃ، ۽ اتي پنهنجو پاڻ کي نظربند ڪري ڇڏ.


جيڪر اوهان منجھہ ڪو اهڙو هجي جيڪو منهنجي عبادت‌گاهہ جا دروازا بند ڪري ڇڏي، تہ جيئن اوهين منهنجي قربان‌گاهہ تي اهڙي اجائي نموني قربانيون نہ ساڙي سگھو. آءٌ اوهان مان راضي نہ آهيان، نہ ئي آءٌ اوهان جي هٿان نذرانا قبول ڪندس.


”انهن نبي سڏائيندڙن کان هوشيار ٿجو، جيڪي حقيقي نبي نہ آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان وٽ رڍن جي روپ ۾ اچن ٿا پر اندر ۾ اهي وحشي بگھڙ آهن.


جيڪو بہ بڇڙا ڪم ڪري ٿو سو روشنيءَ کان نفرت ڪري ٿو ۽ روشنيءَ ڏانهن نہ ٿو اچي، متان سندس بڇڙا ڪم روشنيءَ ۾ پڌرا ٿي پون.


سو سڄي شهر ۾ گوڙ مچي ويو. ماڻهو ڊوڙي اچي گڏ ٿيندا ويا ۽ پولس کي پڪڙي هيڪل مان گهلي ٻاهر ڪڍي ويا ۽ پوءِ هڪدم در بند ڪيا ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ