Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 6:1 - Muslim Sindhi Bible

1 سنبلط، طوبياہ، جشم عربي ۽ اسان جي ٻين دشمنن کي خبر پيئي تہ مون ڀتيون نئين سر تعمير ڪرائي ڇڏيون آهن ۽ انهن جو ڪوبہ حصو ڀڳل رهجي نہ ويو آهي، حالانڪ ان وقت تائين مون اڃا دروازن ۾ طاق نہ وجھرايا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن سنبلط، ۽ طوبياہ، ۽ جشم عربي، ۽ ٻين دشمنن کي خبر پيئي تہ مون ڀت جوڙائي آهي، ۽ انهيءَ ۾ ڪوبہ حصو ڀڳل رهجي نہ ويو آهي؛ (جيتوڻيڪ انهيءَ وقت تائين مون درن ۾ طاق نہ وڌا هئا)

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 6:1
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ کان اڳ، الياسب ڪاهن، جيڪو خدا جي گھر جي گودامن تي نگران مقرر هو ۽ طوبياہ سان سندس ويجھا تعلقات هئا،


جڏهن سنبلط حوروني ۽ طوبياہ نالي هڪ عموني عملدار اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو ڏاڍا رنج ٿيا، ڇاڪاڻ تہ ڪو ماڻهو بني اسرائيل جي ڀلائيءَ لاءِ آيو آهي.


پر جڏهن سنبلط حوروني، طوبياہ ۽ جشم نالي هڪ عرب اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اسان تي کل ٺٺوليون ڪندي حقارت وچان اسان کان پڇيائون تہ ”اهو ڪهڙو ڪم آهي، جيڪو اوهين ڪريو ٿا؟ اوهين شهنشاهہ جي خلاف بغاوت ڪندءُ ڇا؟“


سردار ڪاهن الياسب پنهنجي ساٿي ڪاهنن سان گڏجي اتر واري ڀت جو رڍن وارو دروازو وري تعمير ڪيو. هنن انهيءَ کي وقف ڪيو ۽ انهيءَ ۾ طاق لڳايائون. هنن ڀت کي سؤ نالي ٺُلهہ ۽ حنن‌ايل ٺُلهہ تائين وقف ڪيو.


مڇيءَ وارو دروازو هسناہ جي پٽن تعمير ڪيو. هنن ان مٿان سردر رکيا، طاق لڳايائون ۽ منجھس هڙڪيون ۽ گز لڳايائون.


يشانہ دروازي جي مرمت يهويدع ولد فاسخ ۽ مسلام ولد بسودياہ ڪئي. هنن انهيءَ مٿان سردر رکيا، طاق لڳايائون ۽ منجھس هڙڪيون ۽ گز لڳايائون.


جڏهن سنبلط ٻڌو تہ اسين ڀتين جي نئين سر تعمير ٿا ڪريون، تڏهن هو تپي باهہ ٿي ويو ۽ اسان يهودين تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳو.


جڏهن ڀتيون ٺهي راس ٿي ويون ۽ مون منجھن دروازا لڳرايا ۽ هيڪل ۾ دربان، ڳائڻا ۽ ٻيا لاوي مقرر ٿيا،


تنهنڪري ڄاڻي وٺ ۽ سمجھي ڇڏ تہ يروشلم کي وري اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ واري حڪم جاري ٿيڻ کان وٺي، مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي اچڻ تائين ست دفعا ست ست سال ٿيندا. پوءِ ٻاهٺ دفعا ستن ستن سالن تائين شهر اندر گھٽيون ۽ قلعي جي چوڌاري حفاظتي کاهيون ٺاهيون وينديون، جيتوڻيڪ اهي مصيبت جا ڏينهن هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ