6 سو جڏهن مون انهن جي واءِويلا ۽ اهي شڪايتون ٻڌيون، تڏهن مون کي ڏاڍو رنج پهتو.
6 ۽ جڏهن مون اُنهن جو فرياد ۽ اهي ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن آءٌ ڏاڍو ڪاوڙيس.
تڏهن مون انهن کي ڇينڀيو ۽ مٿن ڦٽلعنت ڪيم. مون انهن مان ڪن ماڻهن کي مار بہ ڏني ۽ سندن وار بہ پٽيا. مون کانئن خدا جو قسم کڻائي واعدو ورتو تہ ”آئيندہ اسين پنهنجيون ڌيئرون ڌارين جي پٽن کي پرڻائي نہ ڏينداسون ۽ نہ وري اسين هنن جون ڌيئرون پنهنجن پٽن لاءِ يا پنهنجي پرڻي لاءِ وٺنداسون.
مون کي انهيءَ ڳالهہ تي ڏاڍو رنج ٿيو، سو طوبياہ جو سمورو سامان ڪوٺيءَ مان ڪڍي ٻاهر اڇلائي ڇڏيم.
مون انهن ڳالهين تي پنهنجيءَ دل ۾ ويچار ڪيو ۽ پوءِ اميرن ۽ اڳواڻن کي تنبيهہ ڪندي چيم تہ ”اوهان مان هر ڪو پنهنجي هموطنن جي ملڪيت گروي ٿو رکي.“ سو مون هڪ وڏي عام گڏجاڻي ڪوٺائي تہ جيئن هنن سان منهن ڏجي.
بدڪار ماڻهن کي تنهنجي شريعت جي خلاف هلندو ڏسي، منهنجي ڪاوڙ ڀڙڪا پيئي کائي.
آخر ۾ موسيٰ چيس تہ ”تنهنجا هي سڀ عملدار مون وٽ ايندا ۽ منهنجي اڳيان ڪنڌ جھڪائي منٿ ڪندا تہ ’تون پنهنجي پوئلڳن کي وٺي هليو وڃ.‘ انهيءَ کان پوءِ آءٌ هليو ويندس.“ ائين چئي موسيٰ ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان فرعون وٽان نڪري ويو.
تڏهن موسيٰ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ خداوند کي چيائين تہ ”جيڪا قرباني هي آڻين سا تون قبول نہ ڪج. مون تہ انهن کان ڪو گڏهہ بہ ڪونہ ورتو آهي، نڪي هنن مان ڪنهن کي ڪو نقصان رسايو اٿم.“
عيسيٰ کي انهن جي هٺ ۽ هوڏ تي ارمان ٿيڻ لڳو، سو چوڌاري انهن ڏانهن ڪاوڙ ۾ نهاريائين. پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن هٿ ڊگھو ڪيو تہ اهو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو.
جيڪڏهن اوهان کي ڪاوڙ اچي وڃي تہ گناهہ نہ ڪجو، بلڪ سج لهڻ کان اڳ اوهان جي ڪاوڙ بہ ختم ٿي وڃي.