Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 5:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ڪن چيو پئي تہ ”اسين، اسان جا پٽ ۽ اسان جون ڌيئرون پاڻ ۾ گھڻا ئي آهيون، سو پنهنجي کائڻ ۽ جيئري رهڻ واسطي اسان کي اناج ملڻ گھرجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ڇالاءِ جو انهن مان ڪي اهڙا هئا، جن چيو تہ اسين ۽ اسان جا پٽ، ۽ اسان جون ڌيئرون، پاڻ ۾ گهڻا ماڻهو آهيون: اچو تہ اَن هٿ ڪريون تہ کائون ۽ جيئرا رهون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 5:2
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ تہ سڄيءَ دنيا جا ماڻهو اناج خريد ڪرڻ لاءِ مصر ۾ يوسف وٽ آيا، ڇاڪاڻ تہ سڄيءَ دنيا ۾ سخت ڏڪار هو.


وڌيڪ چيائين تہ ”مون ٻڌو آهي تہ مصر ۾ اناج آهي. سو اوهين اوڏانهن وڃو ۽ اتان اسان جي لاءِ خريد ڪري اچو تہ جيئن اسان بک وگھي مري نہ وڃون.“


پوءِ يهوداہ پنهنجي پيءُ يعقوب کي چيو تہ ”ڇوڪر کي مون سان ڇڏيو تہ اسين اُٿي روانا ٿيون، تہ جيئن اسين، توهين ۽ اسان جا ننڍڙا ٻار مرڻ کان بچون.


سو اوهان جي هوندي اسين ڇو مرون ۽ اسان جي زمين ڇو ناس ٿي وڃي. اسان کي ۽ اسان جي زمين کي کاڌي جي عيوض خريد ڪر. اسين فرعون جا غلام ٿينداسين ۽ اسان جي زمين جو مالڪ بہ اُهو ئي ٿيندو. اسان کي اناج ڏيو تہ مرڻ کان بچون ۽ ٻج ڏيو تہ جيئن اسان جي زمين ويران نہ ٿئي.“


هڪڙي عورت اليشع وٽ آئي جنهن جو مڙس نبين جي ٽولي مان هو ۽ مري ويو هو. انهيءَ عورت اليشع کي چيو تہ ”اوهان جو ٻانهو منهنجو مڙس مري ويو آهي! توهان کي خبر آهي تہ هو خدا جو خوف رکڻ وارو ماڻهو هو. پر هاڻ انهيءَ جو هڪڙو لهڻيدار آيو آهي، جيڪو پنهنجي قرض ۾ منهنجا ٻہ پٽ غلام ڪري وٺي وڃڻ چاهي ٿو.“


ٻين چيو پئي تہ ”اسين پنهنجيون ٻنيون، پنهنجا انگورن جا باغ ۽ پنهنجا گھر گروي ٿا رکون، تہ جيئن ڏڪار دوران اناج وٺي سگھون.“


اوهين پوکيو تہ گھڻو ئي ٿا پر حاصل ٿورو ٿا ڪريو. اوهين کاڌو کائو تہ گھڻو ٿا پر اوهان جو ڍءُ نہ ٿو ٿئي. اوهين مئي پيئو تہ گھڻي ٿا پر اوهان جي اڃ نہ ٿي لهي. اوهين ڪپڙا تہ گھڻا ئي پايو ٿا پر اوهين سرديءَ کان بچي نہ ٿا سگھو. اوهين مزدوريءَ مان ڪمايو تہ گھڻو ئي ٿا پر اها ڪمائي اوهان جي زندگيءَ جون ضرورتون پوريون نہ ٿي ڪري سگھي.


تہ جيڪڏهن اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان نہ ڏيندا ۽ منهنجي نالي جي تعظيم جي پرواهہ نہ ڪندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان تي لعنت موڪليندس ۽ اوهان کي جيڪي فضيلتون ڏنيون اٿم، تن تي بہ لعنت وجھندس. سچ پچ تہ مون اڳي ئي انهن تي لعنت وجھي ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان نہ ٿا ڏيو.


اوهين بني اسرائيل مان پنهنجي ڪنهن هم‌قوم کي وياج تي قرض نہ ڏجو. کانئس پئسن، کاڌي جي شين يا ڪنهن بہ ٻيءَ شيءِ تي وياج نہ وٺجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ