Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 5:13 - Muslim Sindhi Bible

13 تڏهن مون پنهنجي جھول ڇنڊيندي هيئن چيو تہ ”شل خداوند هن طرح هر انهيءَ ماڻهوءَ کي پنهنجي گھر کان ۽ پنهنجي ملڪيت کان ڇنڊي اڇلائي ڇڏي، جيڪو پنهنجي واعدي تي پورو نہ رهي.“ تنهن تي اتي گڏ ٿيل سڀني ماڻهن ”آمين“ چيو. ان کان پوءِ هو خداوند جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. سو انهن سڀني ماڻهن ائين ئي ڪيو، جيئن واعدو ڪيو هئائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ مون پنهنجي جهول بہ ڇنڊي چيو، تہ شل خداوند هن طرح سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي گهر کان، ۽ پنهنجي ڪمائيءَ کان ڇنڊي اُڇلائي ڇڏي، جو هن انجام موجب هلت نہ ڪري؛ شل اهو هن طرح ڇنڊجي خالي ٿي وڃي. ۽ سڄيءَ جماعت چيو تہ آمين، ۽ خداوند جي تعريف ڪيائون. پوءِ ماڻهن انهيءَ انجام موجب هلت ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 5:13
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بادشاهہ ٿنڀي جي ڀرسان ٿي بيٺو ۽ خداوند جي حضور ۾ نئين سر عهد اقرار ڪيائين تہ ”اسين خداوند جا وفادار رهنداسين، سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن کي پنهنجي پوريءَ دل سان مڃينداسين، يعني عهدنامي جون ڳالهيون جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن تن سڀني تي عمل ڪنداسين.“ پوءِ سڀني ماڻهن انهيءَ عهدنامي جو قسم تي اقرار ڪيو.


شل خداوند، بني اسرائيل جو خدا، ازل کان ابد تائين سڳورو هجي. پوءِ سڀني ماڻهن ”آمين“ چيو ۽ خدا جي واکاڻ ڪيائون.


جڏهن عزرا خداوند عظيم خدا جي واکاڻ ڪئي، تڏهن سڀني ماڻهن پنهنجا هٿ مٿي کڻي چيو تہ ”آمين! آمين!“ پوءِ هنن منهن ڀر زمين تي ڪري خداوند کي سجدو ڪيو.


مون جيڪو قسم کنيو آهي تنهن تي قائم آهيان، تہ آءٌ تنهنجي سچن قاعدن قانونن تي عمل ڪندو رهندس.


مون آڏو قربانيءَ طور اوهين شڪرگذاري پيش ڪريو. مون خدا تعاليٰ آڏو اوهين پنهنجيون باسون پوريون ڪريو.


سو اي بني اسرائيل! اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ پنهنجيون باسيل باسون پوريون ڪريو. اي آس‌پاس واريون قومون! اوهين سڀيئي هن لاءِ نذرانا آڻيو. هائو، جنهن کان ڊڄڻ واجب آهي تنهن لاءِ اوهين نذرانا آڻيو.


جيڪي شريعت تي هلڻ ڇڏي ٿا ڏين، سي بدڪارن جي تعريف ٿا ڪن. مگر شريعت تي قائم رهڻ وارا هميشہ انهن جي مخالفت ٿا ڪن.


اوهين جيڪڏهن ڪو واعدو ڪريو ۽ وري اهو پورو نہ ڪريو، تنهن کان بهتر اهو آهي تہ اوهين ڪو واعدو ئي نہ ڪريو.


شل هي پاڻي جيڪو لعنت ٿو آڻي تنهنجي پيٽ ۾ وڃي تو کي اوٽي‌نپٽي ڪري ۽ تنهنجو پيٽ سُڄائي ڇڏي.‘ تڏهن عورت جواب ۾ چوي تہ ’آمين، آمين.‘


جيڪڏهن ماڻهو اوهان جو آڌرڀاءُ نہ ڪن يا اوهان جي ڳالهہ نہ ٻڌن، تہ پوءِ اهو گھر توڙي شهر ڇڏي وڃجو ۽ پنهنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو.


تڏهن پولس ۽ برنباس انهن جي خلاف پنهنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي اڪونيم شهر ڏانهن هليا ويا.


جڏهن هو سندس خلاف ٿي پيا ۽ کيس گھٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا تہ هن پنهنجا ڪپڙا ڇنڊيندي کين چيو تہ ”اوهين پنهنجي تباهيءَ جا ذميوار پاڻ آهيو، منهنجو ڪوبہ واسطو نہ آهي. اڄ کان پوءِ آءٌ غير قومن ڏانهن ويندس.“


ڏسو، جيڪڏهن اوهان مان ڪو رڳو روح سان خدا جي واکاڻ ڪندو تہ ٻيو ماڻهو جيڪو اها ٻولي نہ ٿو ڄاڻي سو شڪرگذاريءَ تي ”آمين“ ڪيئن چوندو؟ هن کي تہ ڪجھہ سمجھہ ۾ ئي ڪونہ آيو.


تڏهن سموئيل چيس تہ ”اڄ خداوند بني اسرائيل جي بادشاهي تو کان ڇني ڦاڙي کسي ورتي ۽ اها ڪنهن ٻئي کي ڏيئي ڇڏيائين، جيڪو تو کان چڱو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ