Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 5:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تڏهن هنن چيو تہ ”اسين اهي موٽائي ڏينداسين. اسين هنن کان وڌيڪ ڪجھہ بہ نہ گھرنداسين. جيئن تون چوين ٿو تيئن ئي اسين ڪنداسين.“ پوءِ مون ڪاهنن کي گھرايو ۽ اميرن ۽ اڳواڻن کان قسم کڻايم تہ هنن جيڪو واعدو ڪيو آهي سو پورو ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 تڏهن هنن چيو، تہ اسين اهي موٽائي ڏينداسين، ۽ هنن کان ڪي بہ ڪين گهرنداسين؛ جيئن تون چئين ٿو، تيئن ئي اسين ڪنداسين. تڏهن مون، ڪاهنن کي سڏيو، ۽ هنن کي اهو قسم کڻايم، تہ هو انهيءَ انجام موجب هلت ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 5:12
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن انهن ماڻهن وڏي آواز سان ورندي ڏيئي چيو تہ ”تون صحيح ٿو چوين! جيئن تون چوندين تيئن ئي اسين ڪنداسين.


تڏهن عزرا اٿيو ۽ ڪاهنن، لاوين ۽ بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن کان قسم کڻايائين تہ هو ائين ئي ڪندا. سو هنن اهڙو قسم کنيو.


اسين هن ملڪ جي آس‌پاس وارين قومن سان رشتيداريءَ جي ڏي وٺ نہ ڪنداسون.


جڏهن آس‌پاس وارين قومن مان ڪي ماڻهو سبت واري ڏينهن يا ڪنهن ٻئي وڏي ڏينهن تي ڪي‌بہ شيون يا اناج وڪڻڻ لاءِ کڻي ايندا تہ اسين کانئن نہ وٺنداسون. هر ستين سال اسين زمين ۾ ڪابہ پوکي نہ ڪنداسون ۽ پنهنجا سمورا قرض معاف ڪري ڇڏينداسون.


تڏهن مون انهن کي ڇينڀيو ۽ مٿن ڦٽ‌لعنت ڪيم. مون انهن مان ڪن ماڻهن کي مار بہ ڏني ۽ سندن وار بہ پٽيا. مون کانئن خدا جو قسم کڻائي واعدو ورتو تہ ”آئيندہ اسين پنهنجيون ڌيئرون ڌارين جي پٽن کي پرڻائي نہ ڏينداسون ۽ نہ وري اسين هنن جون ڌيئرون پنهنجن پٽن لاءِ يا پنهنجي پرڻي لاءِ وٺنداسون.


بلڪ مهرباني ڪري اڄ جو اڄ اوهين هنن کي سندن ٻنيون، انگورن ۽ زيتونن جا باغ ۽ سندن گھر موٽائي ڏيو. اوهين کين سندن پئسا، اناج، مئي ۽ زيتون جو تيل پڻ موٽائي ڏيو، جيڪي اوهان کانئن وياج طور اُڳاڙيا آهن.“


پر عيسيٰ ماٺ ئي رهيو. تڏهن وڏي سردار ڪاهن وري چيس تہ ”آءٌ تو کي زندہ خدا جو قسم ٿو ڏيان تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ ڇا تون ئي مسيح آهين، خدا جو فرزند؟“


گھر اندر زڪئي اُٿي بيهي خداوند کي چيو تہ ”ڏسو، اي خداوند! آءٌ پنهنجي ملڪيت جو اڌ غريبن کي ٿو ڏيان ۽ جيڪڏهن مون ڪنهن کي ٺڳيو آهي تہ آءٌ کيس چئوڻا ڪري موٽائي ڏيندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ