Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 5:11 - Muslim Sindhi Bible

11 بلڪ مهرباني ڪري اڄ جو اڄ اوهين هنن کي سندن ٻنيون، انگورن ۽ زيتونن جا باغ ۽ سندن گھر موٽائي ڏيو. اوهين کين سندن پئسا، اناج، مئي ۽ زيتون جو تيل پڻ موٽائي ڏيو، جيڪي اوهان کانئن وياج طور اُڳاڙيا آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ڀلائي ڪري اڄوڪي ڏينهن اوهين هنن کي سندن ٻنيون، ڊاک جا منهہ، زيتونن جا باغ، ۽ گهر، موٽائي ڏيو، ۽ پئسن، ۽ اَن، ۽ شراب، ۽ تيل جو ستون حصو، جو هنن کان اُڳاڙيو ٿا، سو بہ موٽائي ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 5:11
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ماڻهوءَ کي ان رڍ جي چئوڻي ملهہ جيترو ڀري ڏيڻو پوندو، ڇاڪاڻ تہ هن کي اهڙو ڪم ڪندي ڪوبہ قياس ڪونہ آيو.“


آءٌ، منهنجا ڀائر ۽ منهنجا ماڻهو بہ ٻين کي وياج تي پئسا ۽ ان ڏيون ٿا. پر اچو تہ اسين وياج کائڻ بند ڪريون.


تڏهن هنن چيو تہ ”اسين اهي موٽائي ڏينداسين. اسين هنن کان وڌيڪ ڪجھہ بہ نہ گھرنداسين. جيئن تون چوين ٿو تيئن ئي اسين ڪنداسين.“ پوءِ مون ڪاهنن کي گھرايو ۽ اميرن ۽ اڳواڻن کان قسم کڻايم تہ هنن جيڪو واعدو ڪيو آهي سو پورو ڪندا.


پر جيڪو روزو مون کي پسند آهي سو هي آهي تہ ظلم جا زنجير ٽوڙيا وڃن، غلاميءَ جي پاڃاريءَ جا رسا ڇوڙيا وڃن، مظلومن کي آزاد ڪيو وڃي، بلڪ هر قسم جي غلاميءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏجي.


انهيءَ لاءِ اوهين وڃي اهڙا ڪم ڪريو جن مان خبر پوي تہ اوهان سچ پچ پنهنجن گناهن تي پڇتايو آهي. اوهين ائين بہ نہ سوچو تہ ’اسين ابراهيم جو اولاد آهيون تنهنڪري بچي وينداسين.‘ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا هنن پٿرن مان بہ ابراهيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.


هو اوهان کي سڀني چڱين شين سان ڀريل گھر، جيڪي اوهان نہ ڀريا آهن، اهي کوٽيل حوض، جيڪي اوهان نہ کوٽيا آهن، اُهي انگورن جا باغ ۽ زيتون جا وڻ، جيڪي اوهان نہ پوکيا آهن، سي ڏيندو. جڏهن اوهين اهي کائي ڍءُ ڪريو،


اِجھو آءٌ حاضر آهيان. سو اوهين خداوند ۽ سندس مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي اڳيان ڀلي مون تي شاهدي ڏيو تہ ڇا مون ڪنهن کان ڪو ڏاند يا گڏهہ کسيو آهي؟ ڇا مون ڪنهن سان ڪا ٺڳي ڪئي آهي؟ يا ڪنهن تي ڪو ظلم ڪيو اٿم؟ ڇا مون ڪنهن کان رشوت وٺي ڪنهن جو ڏوهہ نظرانداز ڪيو آهي؟ ٻڌايو، جيڪڏهن مون انهن مان ڪوبہ ڪم ڪيو آهي تہ اهو موٽائي ڏيڻ لاءِ آءٌ حاضر آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ