Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 5:10 - Muslim Sindhi Bible

10 آءٌ، منهنجا ڀائر ۽ منهنجا ماڻهو بہ ٻين کي وياج تي پئسا ۽ ان ڏيون ٿا. پر اچو تہ اسين وياج کائڻ بند ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ آءٌ بہ، ۽ منهنجا ڀائر ۽ منهنجا نوڪر بہ هنن کي پئسا ۽ اَن، وياج تي اُڌارو ڏيون ڇا؟ آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ اچو تہ اهو وياج وٺڻ ڇڏي ڏيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 5:10
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسان حڪمن مطابق اها ذميواري کڻون ٿا تہ هر سال پنهنجي خداوند جي هيڪل جي خدمت واسطي پنهنجي مال مان هنن ڪمن لاءِ چانديءَ جا چار گرام ڏينداسين:


بلڪ مهرباني ڪري اڄ جو اڄ اوهين هنن کي سندن ٻنيون، انگورن ۽ زيتونن جا باغ ۽ سندن گھر موٽائي ڏيو. اوهين کين سندن پئسا، اناج، مئي ۽ زيتون جو تيل پڻ موٽائي ڏيو، جيڪي اوهان کانئن وياج طور اُڳاڙيا آهن.“


مون انهن ڳالهين تي پنهنجيءَ دل ۾ ويچار ڪيو ۽ پوءِ اميرن ۽ اڳواڻن کي تنبيهہ ڪندي چيم تہ ”اوهان مان هر ڪو پنهنجي هم‌وطنن جي ملڪيت گروي ٿو رکي.“ سو مون هڪ وڏي عام گڏجاڻي ڪوٺائي تہ جيئن هنن سان منهن ڏجي.


مون کين وڌيڪ چيو تہ ”جيڪي اوهين ڪريو ٿا، سو ٺيڪ ناهي. اوهان کي خدا جو خوف ڪرڻ گھرجي تہ جيئن اسان جون دشمن غير قومون اسان کي ملامت نہ ڪن.


هو ڪنهن کي اڌارا پئسا ڏيئي کانئس وياج نہ ٿا وٺن، نڪي هو ڪنهن بي‌ڏوهيءَ جي خلاف ڪا رشوت ٿا وٺن. جيڪي اهڙا چڱا ڪم ڪن ٿا، تن کي ڪڏهن بہ ڪو لوڏو نہ ايندو.


پر جيڪو روزو مون کي پسند آهي سو هي آهي تہ ظلم جا زنجير ٽوڙيا وڃن، غلاميءَ جي پاڃاريءَ جا رسا ڇوڙيا وڃن، مظلومن کي آزاد ڪيو وڃي، بلڪ هر قسم جي غلاميءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏجي.


۽ وياج تي پئسا ڏيڻ، تہ پوءِ ڇا اهو ماڻهو جيئرو رهي سگھندو؟ نہ، اهو هرگز جيئرو نہ رهندو. هائو، جنهن اهي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن، سو ضرور لوڙيندو ۽ اهو پنهنجي خون جو پاڻ ذميوار هوندو.


هن ڪنهن تي ظلم نہ ڪيو هجي، بلڪ قرضدار کي سندس گروي رکيل شيءِ بہ موٽائي ڏني هجي. هن ڪنهن کي بہ زور زبردستيءَ سان لٽيو ڦريو نہ هجي، بلڪ بکايلن کي پنهنجي مانيءَ مان ڏنو هجي ۽ اگھاڙن کي ڪپڙا ڍڪايا هجن.


هن ڪڏهن بہ وياج تي پئسا نہ ڏنا هجن. اهو بڇڙائيءَ کان پري رهيو هجي ۽ ماڻهن جي وچ ۾ صحيح انصاف ڪندو هجي.


ويل آهي منهنجي قوم جي انهن اميرن لاءِ! جيڪي بڇڙائيءَ جون رٿون ٿا رٿين. اهي رات جو پنهنجي بستري تي ليٽندي بہ بڇڙائيءَ جا منصوبا ٿا جوڙين. پوءِ صبح ٿيندي ئي اهي انهن کي عمل ۾ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ سندن هٿ وس ۾ آهي.


تنهنڪري خداوند جو خوف ڪندي اسين ماڻهن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اسين تہ خدا جي آڏو پوريءَ طرح ظاهر آهيون ۽ مون کي اميد آهي تہ اوهين بہ اسان کي ظاهري طور ڏسو ٿا.


تنهنڪري اسين مسيح جي پاران ايلچي آهيون ۽ خدا اسان جي وسيلي ماڻهن کي نصيحت ٿو ڪري. سو اسين مسيح جي پاران اوهان کي منٿ ٿا ڪريون تہ خدا کي پاڻ سان ميل ميلاپ ڪرڻ ڏيو.


اسين جيڪي خدا جي وس هيٺ ڪم ڪندڙ خدمتگار آهيون، سي وري بہ منٿ ڪريون ٿا تہ خدا جو فضل جيڪو اوهان تي ٿيو آهي سو اجايو نہ وڃايو،


انهيءَ جو طريقو هي آهي تہ جنهن بہ قرض‌خواہ پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪجھہ قرض ڏنو هجي، سو انهيءَ کي معاف ڪري ڇڏي. اهو پنهنجي قوم وارن کان زوريءَ نہ وٺي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ لاءِ خداوند جي معافيءَ جو اعلان ڪيو ويو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ