Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 4:5 - Muslim Sindhi Bible

5 هنن جي بڇڙائيءَ کي نہ بخش، نہ وري هنن جا گناهہ ميٽي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ هو ڀتين ٺاهڻ وارن کي گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ هنن جو قصور نہ ڍڪ، هنن جو گناهہ پنهنجي اڳيان ميٽي ڇڏڻ نہ ڏي: ڇالاءِ جو هنن توکي، اڏڻ وارن جي اڳيان، ڪاوڙايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 4:5
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو اڃا ٿڪل ۽ بي‌همت ئي هوندو تہ آءٌ وڃي مٿان ڪڙڪندوسانس ۽ ٿرٿلو وجھي ڇڏيندوسانس. پوءِ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ آهن سي سڀ ڀڄي ويندا، تڏهن آءٌ رڳو بادشاهہ کي ماري ڇڏيندس.


سو اسان ڀتيون وري تعمير ڪندا رهياسون، تان جو اهي اڌ اوچائيءَ تائين پهچي ويون، ڇاڪاڻ تہ سڀني ماڻهن دل وَ جان سان پئي ڪم ڪيو.


شل خداوند کي هن جي ابن ڏاڏن جي بدڪاري ياد هجي، بلڪ سندس ماءُ جون خطائون بہ ميسارجي نہ وڃن!


اي خدا! پنهنجي دائمي شفقت سبب مون تي پنهنجو رحم ڪر. تون پنهنجي گھڻي رحم سبب منهنجو هر گناهہ مِٽائي ڇڏ.


هاڻي تون منهنجي گناهن کي درگذر ڪر، ۽ منهنجيون سڀيئي بديون ميٽي ڇڏ.


هائو، پنهنجن ئي هٿن جي ڪاريگريءَ آڏو اهي ڪنڌ جھڪائين ٿا. ائين ڪرڻ سان انسان پنهنجو پاڻ کي ذليل وَ خوار ٿا ڪن. سو اي خداوند! تون کين هرگز معاف نہ ڪج.


پر آءٌ، هائو، آءٌ اهو ئي خدا آهيان، جيڪو پنهنجي خاطر اوهان جي گناهن کي مِٽائي ٿو ڇڏيان. هائو، آءٌ اوهان جي خطائن کي وساري ڇڏيندس.


مون اڳ ئي اوهان جا گناهہ ڌوئي ٻاڦ وانگر اُڏائي ڇڏيا آهن. سو هاڻي اوهين مون آڏو اچي توبهہ‌تائب ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي آهيان جنهن اوهان کي بچايو آهي.


پر اي خداوند! تون هنن جون اهي سڀ سازشون ڄاڻين ٿو، جيڪي مون کي مارڻ لاءِ رٿيون اٿائون. سو تون هنن جي بدڪاري کين معاف نہ ڪر، هائو، سندن گناهن کي نظرانداز نہ ڪر، بلڪ هنن کي پنهنجي آڏو اونڌو ڪري ڪيراءِ. هائو، پنهنجو غضب نازل ڪري کين سزا ڏي.“


شل هنن جون بڇڙايون تو کان ڳجھيون نہ رهن! منهنجي سمورن گناهن جي ڪري جهڙي سزا تو مون کي ڏني آهي، تهڙي انهن کي بہ ڏي. سچ پچ تہ آءٌ اهڙي مايوس ٿي پيئي آهيان، جو منهنجيون آهون رڪجن ئي نہ ٿيون.“


پتل جا ٿانوَ ٺاهڻ واري سڪندر مون سان گھڻي بڇڙائي ڪئي آهي. خداوند عيسيٰ هن کي پنهنجو ڪيتو لوڙائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ