Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 4:23 - Muslim Sindhi Bible

23 سو مون، منهنجي ڀائرن، منهنجي نوڪرن ۽ مون سان گڏ پهري وارن پنهنجا ڪپڙا ئي نہ بدلايا ۽ هر ڪنهن کي هٿ ۾ هٿيار هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 انهيءَ طرح نڪي مون، نڪي منهنجن ڀائرن، نڪي منهنجن نوڪرن، نڪي جيڪي پهري وارا منهنجي پٺيان هئا، تن مان ڪنهن بہ پنهنجا ڪپڙا لاٿا، سڀڪو پنهنجي هٿيار سان پاڻيءَ وٽ ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 4:23
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وقت مون ماڻهن کي ائين بہ چئي ڇڏيو هو تہ سڀيئي ماڻهو پنهنجي مزدورن سان گڏ يروشلم ۾ رهن، تہ جيئن رات جو اهي اسان تي پهرو ڏيئي سگھن ۽ ڏينهن جو ڪم ڪن.


پوءِ ڪيترائي مرد ۽ سندن زالون پنهنجن ڪن يهودين خلاف ڏاڍيون دانهون ڪرڻ لڳا.


اسان مان ڪنهن کي بہ ڪا زمين وغيرہ حاصل ڪرڻ جي لالچ ڪا نہ هئي. اٽلندو، آءٌ پاڻ ۽ منهنجا سڀيئي ساٿي انهيءَ هنڌ گڏ ٿي ڀتين جي ڪم تي لڳي وياسون.


تڏهن مون پنهنجي ڀاءُ حنانيءَ سان گڏ قلعي جي سالار حنانياہ کي پڻ يروشلم جو نگران مقرر ڪيو، ڇاڪاڻ تہ حنانياہ هڪ ديانتدار ماڻهو هو ۽ گھڻن ئي ماڻهن کان وڌيڪ خداترس هو.


اهي هڪٻئي کي ڌڪا نہ ڏيندا، بلڪ هر ڪو پنهنجي پنهنجي رستي سان پيو هلندو. تير توڙي ڀالا بہ کين سندن رستي کان هٽائي نہ سگھندا.


هاڻي آءٌ جيڪي ڪجھہ آهيان، سو خدا جي فضل سان آهيان ۽ خدا جو اهو فضل مون تي اجايو نہ هو، ڇو تہ مون ٻين سڀني رسولن کان وڌيڪ خدمت جو ڪم ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ منهنجي محنت نہ، پر اهو خدا جو فضل هو جيڪو مون تي آهي.


اي ٻڌڻ وارؤ! اوهين کوهن وٽ ڳائڻ وارن جو آواز ٻڌو، اهي بہ خداوند جي سوڀ بيان ٿا ڪن، هائو، اها ئي سوڀ جيڪا اسان جي جنگي جوڌن حاصل ڪئي. اها سوڀ ان وقت ملي جڏهن خداوند جي قوم اُٿي کڙي ٿي، ۽ شهر جي دروازن کان هيٺ لهي آئي.


تيئن ئي هو پنهنجي لشڪر سميت ضلمون جي جبل تي چڙهي ويو. تڏهن ابيملڪ پنهنجي هٿ ۾ ڪهاڙو کڻي وڻ مان هڪڙي ٽاري وڍي ۽ اها مٿي کڻي پنهنجي ڪلهي تي رکيائين. پوءِ پنهنجي لشڪر کي چيائين تہ ”جيئن اوهان مون کي ڪندي ڏٺو آهي سو اوهين بہ جلدي ائين ئي ڪريو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ