Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 4:21 - Muslim Sindhi Bible

21 اهڙيءَ طرح اسان ڪم جاري رکيو ۽ انهيءَ دوران اسان مان اڌ ماڻهو پرهہ ڦٽيءَ کان وٺي سج لٿي اوندهہ ٿيڻ تائين هٿيار کنيو بيٺا هوندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 انهيءَ طرح اسان ڪم پئي ڪيو: ۽ انهن مان اڌ جيترا پرهہ ڦٽيءَ کان وٺي تارن نڪرڻ تائين نيزا کنيو بيٺا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 4:21
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري جنهن هنڌان اوهين نفيل جو آواز ٻڌو اتان اسان وٽ اچي گڏ ٿيو. اسان جو خدا اسان جي پاران جنگ ڪندو.“


انهيءَ وقت مون ماڻهن کي ائين بہ چئي ڇڏيو هو تہ سڀيئي ماڻهو پنهنجي مزدورن سان گڏ يروشلم ۾ رهن، تہ جيئن رات جو اهي اسان تي پهرو ڏيئي سگھن ۽ ڏينهن جو ڪم ڪن.


هاڻي آءٌ جيڪي ڪجھہ آهيان، سو خدا جي فضل سان آهيان ۽ خدا جو اهو فضل مون تي اجايو نہ هو، ڇو تہ مون ٻين سڀني رسولن کان وڌيڪ خدمت جو ڪم ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ منهنجي محنت نہ، پر اهو خدا جو فضل هو جيڪو مون تي آهي.


تہ پوءِ اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت قدم رهو. خداوند عيسيٰ جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا هلو، اهو ڄاڻيندي تہ سندس خدمت ۾ اوهان جو پورهيو اجايو نہ آهي.


اسان کي نيڪي ڪرڻ ۾ ٿڪجڻ نہ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن همت نہ هارينداسين تہ پوري وقت تي لابارو لاهينداسين.


انهيءَ مقصد لاءِ ئي آءٌ خدا جي انهيءَ طاقت موجب سخت جدوجهد ٿو ڪريان، جيڪا مون ۾ زور سان اثر ڪري ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ