Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 4:16 - Muslim Sindhi Bible

16-17 انهيءَ ڏينهن کان وٺي منهنجا اڌ ماڻهو ڪم ڪندا هئا، جڏهن تہ ٻيا اڌ ماڻهو نيزا، ڍالون، تيرڪمان کنيو ۽ زرهون پايو بيٺا هوندا هئا ۽ جن ڀتين تي ڪم پئي ڪيو تن جي نگراني ڪندڙ سندن همت‌افزائي ڪرڻ لاءِ بيٺا هوندا هئا. جن سامان پئي ڍوئيو، تن هڪڙي هٿ سان ڪم پئي ڪيو ۽ ٻئي هٿ ۾ پنهنجو هٿيار ٿي کنيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ انهيءَ وقت کان وٺي اڳتي منهنجن نوڪرن مان اڌ جيترن ڪم ٿي ڪيو، ۽ اڌ جيترا نيزا، سپرون، ۽ ترارون، ۽ زرهون کنيو بيٺا هئا؛ ۽ حاڪم يهوداہ جي سڄي گهراڻي جي پٺيان بيٺا رهندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 4:16
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن اسان جي دشمنن ٻڌو تہ اسان کي سندن سازش جو پتو پئجي ويو آهي، تڏهن سمجھيائون تہ خدا سندن سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙيءَ طرح اسين سڀ وري پنهنجي پنهنجي ڪم تي لڳي وياسين.


سو مون، منهنجي ڀائرن، منهنجي نوڪرن ۽ مون سان گڏ پهري وارن پنهنجا ڪپڙا ئي نہ بدلايا ۽ هر ڪنهن کي هٿ ۾ هٿيار هئا.


منهنجيون اکيون ملڪ جي ايماندار ماڻهن تي کتل آهن، تان‌تہ اهي محل جي اندر مون سان گڏجي رهن. جيڪي سنئين راهہ تي ٿا هلن سي ئي منهنجي خدمت ڪندا.


انهيءَ کي وچ ۾ مٿي وجھڻ لاءِ سوراخ هجي. انهيءَ سوراخ جي چوڌاري گريبان وانگر هڪڙي اُڻيل پٽي هجي، انهيءَ لاءِ تہ اهو ڦاٽي نہ پوي.


اهي سڀيئي تلوارباز ۽ جنگ جا ماهر آهن. رات جي حملي جي خطري سبب انهن مان هر هڪ کي سندس ران سان تلوار ٻڌل آهي.


گھوڙن تي سنج وجھي مٿن سوار ٿيو. پنهنجا لوها ٽوپ پائي جنگ لاءِ صفون ٻڌي بيهو. پنهنجن نيزن کي تيز ڪريو ۽ زرهون پائي ڇڏيو.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ