Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 3:30 - Muslim Sindhi Bible

30 انهيءَ کان پوءِ حنانياہ ولد سلمياہ ۽ حنون جيڪو صلف جو ڇهون پٽ هو، تن گڏجي ٻئي حصي جي مرمت ڪئي. تنهن کان پوءِ مسلام ولد برڪياہ پنهنجي گھر جي سامهون واري حصي جي مرمت ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 انهيءَ کانپوءِ ٻيو حصو، حننياہ بن سلمياہ ۽ حنون، جو صلف جو ڇهون پٽ هو، تن مرمت ڪئي. انهيءَ کانپوءِ مسلام بن برڪياہ پنهنجي ڪوٺيءَ جي سامهون مرمت ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 3:30
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن گودامن تي مون سلميا ڪاهن، صدوق شريعت جي عالم ۽ فداياہ نالي هڪ لاويءَ کي نگران مقرر ڪيو ۽ حنان ولد زڪور ولد متنياہ کي سندن نائب مقرر ڪيم، ڇاڪاڻ تہ اهي ماڻهو ڀروسي جهڙا سمجھيا ويندا هئا. انهن جي ذميواري هئي تہ هو پنهنجي هم‌خدمت ڀائرن کي سندن حصا ورهائي ڏين.


انهن کان پوءِ صدوق ولد امير پنهنجي گھر جي سامهون واري حصي جي مرمت ڪئي. تنهن کان پوءِ سمعياہ ولد سڪنياہ مرمت ڪئي، جيڪو اوڀر واري دروازي جو رکوالو هو.


انهيءَ کان پوءِ ملڪياہ نالي هڪڙي سوناري فوجي حاضريءَ واري دروازي جي سامهون واپارين ۽ خداوند جي گھر جي خدمتگارن جي رهائش‌گاهہ تائين ۽ ڪنڊ واري برج تائين ڀت جي حصي جي مرمت ڪئي.


ان سان لاڳيتو حصو مريموت ولد اورياہ ولد هقوص مرمت ڪيو. ان سان لاڳيتو حصو مسلام ولد برڪياہ ولد مشيزبيل مرمت ڪيو. ان سان لاڳيتو حصو صدوق ولد بعنہ مرمت ڪيو.


يهوداہ وارن مان گھڻن ئي هن سان قول اقرار ڪيا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو سڪنياہ ولد ارخ يهوديءَ جو ناٺي هو ۽ سندس پٽ يهوحانان مسلام ولد برڪياہ جي ڌيءَ سان پرڻيل هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ