Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 3:16 - Muslim Sindhi Bible

16 بيت‌سور جي اڌ ضلعي جي حاڪم نحمياہ ولد عزبوق ان جي لاڳيتي حصي جي ويندي دائود واري قبرستان، تلاءَ ۽ باريڪن تائين تعمير ڪرائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 انهيءَ کانپوءِ جيڪا جڳهہ دائود جي قبرستان جي سامهون آهي تنهن تائين، ۽ جيڪا ڍنڍ جُڙي هئي تنهن تائين، ۽ بهادر مردن جي گهر تائين، نحمياہ بن عزبوق مرمت جو ڪم ڪيو، جو بيت سور جي اڌ ضلعي جو حاڪم هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 3:16
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

حزقياہ جا باقي ٻيا ڪم جيڪي هن پنهنجي بادشاهيءَ دوران ڪيا، سندس ڪارناما ۽ سوڀون، پاڻيءَ جو تلاءُ ٺهرائڻ ۽ اها سرنگھہ جيڪا هن شهر ۾ پاڻي آڻڻ لاءِ ٺهرائي، سي سڀ ”يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.


سمئي کي معون ڄائو ۽ معون کي بيت‌صور ڄائو.


هن کي انهيءَ قبر ۾ دفن ڪيو ويو، جيڪا هن دائود جي شهر ۾ پنهنجي لاءِ تيار ڪرائي ڇڏي هئي. هن کي انهيءَ بستري تي کڻي سمهاريائون جيڪو خوشبوين ۽ قسم قسم جي مصالحن سان ڀريل هو ۽ هن جي اعزاز ۾ تمام وڏو مچ ٻاريو ويو.


پوءِ آءٌ شهر جي اوڀر ۾ چشمي واري دروازي ڏانهن ويس ۽ اڳتي هلي وري بادشاهہ واري تلاءَ ڏانهن اتر طرف وڌي ويس، پر جنهن وهٽ تي آءٌ سوار هئس تنهن جي لنگھڻ جي جاءِ اتان ڪانہ هئي.


ان جي لاڳيتي حصي جي مرمت جو ڪم، يروشلم جي ٻئي اڌ ضلعي جي حاڪم سلوم ولد هلوحيش پنهنجي ڌيئرن جي مدد سان ڪيو.


گند واري دروازي جي نئين سر اڏاوت بيت‌هڪرم جي ضلعي جي حاڪم ملڪياہ ولد ريڪاب ڪرائي. هن انهيءَ ۾ طاق، هڙڪيون ۽ گز وجھرايا.


انهيءَ کان پوءِ هنن لاوين پڻ مرمت جو ڪم ڪيو. رحوم ولد باني ڀر واري حصي جي مرمت ڪئي. انهيءَ کان پوءِ حسبياہ، جيڪو قعيلاہ جي اڌ ضلعي جو حاڪم هو، تنهن پنهنجي ضلعي جي طرفان ڀر واري حصي جي مرمت ڪرائي.


ان سان لاڳيتي حصي جي مرمت جو ڪم رفاياہ ولد حور ڪرايو، جيڪو يروشلم جي اڌ ضلعي جو حاڪم هو.


مون تلاءَ جوڙايا، انهيءَ لاءِ تہ انهن وڻن کي پاڻي ڏجي.


ڏسو، اها تہ سليمان جي پالڪي آهي، جنهن جي چوڌاري بني اسرائيل جي بهادرن مان سٺ بهادر آهن.


اوهان اندرين ٻنهي ڀتين جي وچ ۾ هڪڙو وڏو حوض تعمير ڪيو، تہ جيئن پراڻي تلاءَ کان وهندڙ پاڻي ڪٺو ڪيو وڃي. پر جنهن خدا اهو سڀ ڪرڻ لاءِ گھڻو اڳي رٿي ڇڏيو هو، تنهن کان اوهان منهن موڙي ڇڏيو ۽ انهيءَ ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو.


اوهان ڏٺو تہ يروشلم شهر جي ڀتين جا گھڻا حصا ڀڳل هئا. سو اوهان يروشلم جي گھرن جي جاچ پڙتال ڪئي ۽ انهن مان ڪن گھرن کي ڊاٺو، تان‌تہ شهر جي ڀڳل ڀتين جي مرمت ڪرڻ لاءِ انهن مان پٿر حاصل ڪريو. اوهان هيٺاهين تلاءَ ۾ پاڻي گڏ ڪيو.


تڏهن خداوند يسعياہ کي فرمايو تہ ”تون ۽ تنهنجو پٽ شيارياشوب نڪري وڃي مٿين ڍنڍ، جيڪا ڌوٻي گھاٽ جي شاهي رستي تي آهي، تنهن جي موريءَ جي آخري ڇيڙي وٽ آخز سان ملو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي ڏاڏي دائود بابت کُليو کُلايو ٻڌايان ٿو تہ هو مري ويو ۽ دفن ڪيو ويو ۽ سندس قبر اسان وٽ اڄ تائين موجود آهي.


انهيءَ کان علاوہ هي شهر هئا: حلحول، بيت‌صور، جدُور،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ