Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 3:15 - Muslim Sindhi Bible

15 چشمي واري دروازي جي اڏاوت مصفاہ ضلعي جي حاڪم سلوم ولد ڪل‌حوزہ ڪرائي. هن ان جي مٿان ڇت وجھرائي ۽ انهيءَ ۾ طاق، هڙڪيون ۽ گز بہ وجھرايا. هن بادشاهہ جي باغ کان وٺي ويندي دائود جي شهر واري ڏاڪڻ تائين شيلا جي تلاءَ واري ڀت جي مرمت پڻ ڪرائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ حوض واري دروازي جي مرمت سلوم بن ڪل حوزہ ڪئي، جو مصفاہ جي ضلعي جو حاڪم هو؛ انهيءَ اهو جوڙايو ۽ ڍڪيو، ۽ انهيءَ جا طاق، ۽ انهيءَ جون تاڙيون، ۽ انهيءَ جا گز بيهاريائين، ۽ شيلوخ جي ڍنڍ جي ڀت، جا بادشاهہ جي باغ جي ڀرسان آهي، ۽ انهيءَ ڏاڪڻ تائين جا دائود جي شهر کان هيٺ لهي ٿي وڃي سا جوڙيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 3:15
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ دائود انهيءَ شهر يروشلم ۾ رهڻ لڳو ۽ انهيءَ جو نالو ”دائود جو شهر“ رکيائين. هن دڙي جي چوڌاري ڀت تائين انهيءَ شهر کي وڌايو.


بابل وارن هڪڙي هنڌان شهر جي ڀت ڀڳي. تنهن وقت صدقياہ پنهنجي لشڪر سميت ان دروازي منجھان ڀڄي نڪري ويو جيڪو سندس باغ جي ڀرسان گھٽيءَ ۾ هو، جڏهن تہ بابل وارا شهر جو گھيرو ڪيو بيٺا هئا. صدقياہ بادشاهہ پنهنجي لشڪر سوڌو ڀڄي اردن ماٿريءَ وارو رستو ورتو.


اهو حزقياہ ئي هو جنهن جيحون جي وهندڙ چشمي جو پاڻي مٿان کان بند ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ وهڪري کي سڌو هيٺ لاهي دائود جي شهر جي اولهہ طرف آندائين. حزقياہ پنهنجي سڀني ڪمن ۾ ڪامياب رهيو.


چشمي واري در مٿان ڀت تي هلندا اُهي سڌو دائود جي شهر جي ڏاڪڻ تان چڙهي مٿينءَ ڀت تي پهتا ۽ دائود جي محل وٽان گذرندا اوڀر طرف پاڻيءَ واري دروازي تائين هليا ويا.


پوءِ آءٌ شهر جي اوڀر ۾ چشمي واري دروازي ڏانهن ويس ۽ اڳتي هلي وري بادشاهہ واري تلاءَ ڏانهن اتر طرف وڌي ويس، پر جنهن وهٽ تي آءٌ سوار هئس تنهن جي لنگھڻ جي جاءِ اتان ڪانہ هئي.


پوءِ مون هنن کي ٻڌايو تہ ”اوهين ڏسو ٿا تہ اسان جو ڪهڙو حال ٿي ويو آهي. يروشلم ويران ٿيو پيو آهي ۽ ان جا دروازا سڙيا پيا آهن. سو اچو تہ يروشلم جون ڀتيون وري تعمير ڪريون تہ جيئن اسين وڌيڪ خوار خراب نہ ٿيون.“


ان جي لاڳيتي حصي جي مرمت جو ڪم، يروشلم جي ٻئي اڌ ضلعي جي حاڪم سلوم ولد هلوحيش پنهنجي ڌيئرن جي مدد سان ڪيو.


گند واري دروازي جي نئين سر اڏاوت بيت‌هڪرم جي ضلعي جي حاڪم ملڪياہ ولد ريڪاب ڪرائي. هن انهيءَ ۾ طاق، هڙڪيون ۽ گز وجھرايا.


انهيءَ کان پوءِ عيزر ولد يشوع جيڪو مصفاہ جو حاڪم هو، تنهن اسلحہ‌خاني جي چاڙهيءَ جي سامهون کان وٺي ويندي ڀت جي وراڻي تائين واري حصي جي مرمت ڪرائي.


ان سان لاڳيتو حصو جِبعون ۽ مصفاہ جي ماڻهن جي مدد سان ملطياہ جِبعونيءَ ۽ يدون ميرونوتيءَ مرمت ڪيو. مصفاہ ۾ اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي جي گورنر جو دفتر هو.


ان سان لاڳيتي حصي جي مرمت جو ڪم رفاياہ ولد حور ڪرايو، جيڪو يروشلم جي اڌ ضلعي جو حاڪم هو.


مون تلاءَ جوڙايا، انهيءَ لاءِ تہ انهن وڻن کي پاڻي ڏجي.


”جيئن تہ يهوداہ وارن شيلوخ جي نرميءَ سان وهندڙ پاڻيءَ کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ارام جي بادشاهہ رضين ۽ اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ ڏانهن راضي خوشيءَ مائل ٿيا آهن،


سو آءٌ مصفاہ شهر ۾ جِدلياہ ولد اخيقام وٽ آيس ۽ وٽس باقي بچيل ماڻهن منجھہ رهڻ لڳس.


يا وري اوهين ائين سمجھو ٿا ڇا تہ اهي ارڙهن ڄڻا، جن تي شيلوخ وارو منارو ڪريو ۽ دٻجي مري ويا، سي يروشلم جي سڀني رهاڪن کان وڌيڪ گنهگار هئا؟


۽ چيائينس تہ ”پنهنجو منهن انهيءَ تلاءَ ۾ وڃي ڌوءُ، جنهن جو نالو شيلوخ آهي.“ (شيلوخ جي معنيٰ ”موڪليل“ آهي.) پوءِ هو ويو ۽ انهيءَ تلاءَ ۾ وڃي منهن ڌوتائين ۽ موٽ تي هو ڏسندو وائسندو آيو.


تڏهن سمورا بني اسرائيل اوڀر ۾ جِلعاد علائقي کان ۽ اتر ۾ دان شهر کان وٺي ڏکڻ ۾ بيرسبع شهر تائين هڪ دل ٿي ٻاهر نڪتا. هو مصفاہ شهر ۾ خداوند جي حضور ۾ اچي گڏ ٿيا.


جڏهن تہ بني بنيامين کي خبر پيئي تہ هنن کان سواءِ ٻيا سمورا بني اسرائيل مصفاہ شهر ۾ وڃي گڏ ٿيا آهن. مصفاہ شهر ۾ بني اسرائيل هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”اسان ۾ اها برائي ڪيئن ٿي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ