Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 2:7 - Muslim Sindhi Bible

7 مون کيس اهو بہ چيو تہ ”اي بادشاهہ سلامت! مهرباني فرمائي مون کي اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي وارن گورنرن ڏانهن فرمان لکي ڏيو تہ جيئن هو مون کي راهداري ڏين، تان جو آءٌ وڃي يهوداہ ۾ پهچان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 تنهن کانسواءِ مون بادشاهہ کي چيو، تہ بادشاهہ مهرباني فرمائي مون کي نديءَ جي هن ڀر وارن حاڪمن ڏانهن پروانا ڏئي، تہ هو مون کي لنگهڻ ڏين، جيستائين ڪ آءٌ يهوداہ ۾ وڃي پهچان؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 2:7
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شهنشاهہ دارا ورنديءَ ۾ لکي موڪليو تہ ”اي تتني! اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي جا گورنر ۽ اي شتر بوزني ۽ اوهان جا ساٿي عملدار! اوهين انهيءَ کان پري رهو.


آءٌ انهن خزانچين ڏانهن هي حڪم جاري ڪريان ٿو جيڪي اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي ۾ رهن ٿا، تہ ”عرش عظيم جي خدا جي شريعت جي عالم عزرا ڪاهن کي جيڪي بہ گھرجي سو اوهين سعيو ڪري کيس مهيا ڪري ڏجو.


انهيءَ سبب جو مون کي شرم ٿي آيو تہ شهنشاهہ کان سپاهين ۽ گھوڙي سوارن جو ڪو دستو گھران تہ اهي رستي ۾ دشمنن کان اسان جي حفاظت ڪن. اهو انهيءَ ڪري جو اسان شهنشاهہ کي چيو هو تہ جيڪي خدا جا طالبو آهن تن سڀني تي خدا جو هٿ رهي ٿو، پر جيڪي کيس ڇڏي ٿا ڏين تن سڀني تي سندس غضب ٿو رهي.


هنن شهنشاهہ جا حڪم‌ناما سندس نائبن ۽ اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي وارن گورنرن کي پهچائي ڏنا، جنهن کان پوءِ هنن پوري قوم ۽ خدا جي گھر جي مدد ڪئي.


تڏهن آءٌ اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبن وارن گورنرن وٽ ويس ۽ کين بادشاهہ جا فرمان ڏنم. بادشاهہ مون سان گڏ پنهنجي لشڪر جا ڪجھہ سالار ۽ گھوڙي سوار پڻ موڪليا هئا.


ان سان لاڳيتو حصو جِبعون ۽ مصفاہ جي ماڻهن جي مدد سان ملطياہ جِبعونيءَ ۽ يدون ميرونوتيءَ مرمت ڪيو. مصفاہ ۾ اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي جي گورنر جو دفتر هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ