Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 2:13 - Muslim Sindhi Bible

13 آءٌ رات جو شهر جي اولهہ واري ماٿريءَ جي دروازي کان نڪري ٻاهر ڏکڻ طرف ازدها واري چشمي ۽ گند واري دروازي ڏانهن ويس. اتي مون ڏٺو تہ يروشلم شهر جون ڀتيون ڀڳيون ۽ ڊٺيون پيون هيون ۽ دروازا پڻ سڙيل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ آءٌ رات جو واديءَ واري دروازي کان نڪري، ٻاهر ازدها واري کوهہ، ۽ ڇيڻن واري دروازي ڏانهن ويس، ۽ يروشلم جون ڀتيون، جي ڀڳيون ڊٺيون پيون هيون، ۽ اُن جا دروازا، جي باهہ سان سڙيا پيا هئا، سي ڏٺم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 2:13
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عُزياہ يروشلم شهر ۾ ڪنڊ واري دروازي وٽ، ماٿريءَ واري دروازي وٽ ۽ ڀت جي وراڻي وٽ ٺُلهَہ ٺهرائي ڪوٽ کي مضبوط ڪيو.


انهن مون کي ٻڌايو تہ ”جيڪي بابل ڏانهن جلاوطن ٿيڻ کان بچي ويا هئا، سي ڏاڍي ڏک ۽ ذلت ۾ آهن. يروشلم جون ڀتيون اڃا ڀڳل آهن ۽ سندس دروازا اڃا سڙيل آهن.“


تنهن کان پوءِ مون نحمياہ يهوداہ جي اڳواڻن کي ڀتين تي آندو ۽ ٻہ وڏيون ٽوليون پڻ شڪرگذاري ادا ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيم. انهن مان هڪڙي ٽوليءَ کي ڀتين تي ساڄي پاسي گند واري دروازي ڏانهن وڌڻو هو.


رات جو ڪجھہ ماڻهن سان گڏجي اتان نڪتس. مون ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي نہ ٻڌايو تہ خدا منهنجيءَ دل ۾ يروشلم بابت ڇا وڌو آهي. جنهن وهٽ تي آءٌ چڙهيل هئس، تنهن کان سواءِ اسان کي ٻيو ڪو وهٽ ڪونہ هو.


تنهنڪري آءٌ اتان ڀتين جو معائنو ڪندو قدرون جي برساتي نهر وٽ لهي ويس. آخرڪار، آءٌ اتان ٿي موٽي اچي ماٿريءَ واري دروازي کان شهر ۾ داخل ٿيس.


پوءِ مون هنن کي ٻڌايو تہ ”اوهين ڏسو ٿا تہ اسان جو ڪهڙو حال ٿي ويو آهي. يروشلم ويران ٿيو پيو آهي ۽ ان جا دروازا سڙيا پيا آهن. سو اچو تہ يروشلم جون ڀتيون وري تعمير ڪريون تہ جيئن اسين وڌيڪ خوار خراب نہ ٿيون.“


پر مون بادشاهہ کي چيو تہ ”بادشاهہ سلامت! منهنجو منهن ڇو نہ لٿل هجي، جڏهن تہ اهو شهر جنهن ۾ منهنجا ابا ڏاڏا دفن ٿيل آهن، سو ويران ڪيو ويو آهي ۽ ان جا دروازا ساڙيا ويا آهن؟“


ڀلي تہ دشمن اچي منهنجي قوم کي انگورن جي باغ جيان وڍي اڇلائين، پر کين صفا ناس نہ ڪن. آءٌ کين چوندس تہ ’انهن کي ٽارين وانگر ڇانگي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ اهي مون خداوند جون ناهن.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ