Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 13:7 - Muslim Sindhi Bible

7 ۽ موٽي يروشلم ۾ آيس. هتي اچي انهي خرابيءَ جي خبر پيم، جيڪا الياسب ڪئي هئي جو هن طوبياہ کي خدا جي گھر جي اڱڻ ۾ رهڻ لاءِ ڪوٺي ڏني هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 پوءِ آءٌ يروشلم ۾ آيس، ۽ خدا جي گهر جي ايوانن ۾ طوبياہ لاءِ ڪوٺي تيار ڪرڻ سان جيڪا خرابي الياسب ڪئي هئي سا معلوم ڪيم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 13:7
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اليوعيني جا هي ست پٽ هئا: هوديواهو، الياسب، فلاياہ، عقوب، يوحنان، دلاياہ ۽ عناني.


انهن سڀني ڳالهين کان پوءِ اڳواڻ مون وٽ آيا ۽ چوڻ لڳا تہ ”بني اسرائيل ڪاهنن ۽ لاوين سميت پنهنجي آس‌پاس رهندڙ غير قومن يعني ڪنعانين، حتين، فرزين، يبوسين، عمونين، موآبين، مصرين ۽ امورين کان پاڻ کي ڌار نہ ڪيو آهي، بلڪ انهن جي ڪراهت جهڙين ڳالهين تي بہ عمل ڪري رهيا آهن.


انهيءَ ڏينهن عام ماڻهن جي روبرو وڏي آواز سان موسيٰ جو ڪتاب پڙهيو ويو، جنهن ۾ اهو بہ لکيل مليو تہ عموني ۽ موآبي خداوند جي قوم ۾ حق حقوق رکندڙ فرد ٿي نہ ٿا سگھن،


تنهن طوبياہ کي رهڻ لاءِ انهن گودامن مان هڪڙي وڏي ڪوٺي ڏني. اها ڪوٺي هيڪل جي سامان رکڻ لاءِ مقرر هئي يعني اناج جون قربانيون، لوبان، خدا جي گھر جا ٿانوَ، اَناج، مئي ۽ زيتون جي تيل جا ڏهان حصا، جيڪي مقرر طريقي موجب لاوين، هيڪل جي ڳائڻن ۽ دربانن کي ڏبا هئا. انهيءَ کان علاوہ اتي ڪاهنن لاءِ گڏ ڪيل چندا پڻ رکيا ويندا هئا.


هن جي دشمنن ساڻس زوري ڪئي آهي، جو سندس سموري خزاني تي پنهنجا هٿ ڊگھيريا اٿن. بلڪ جن غير قوم وارن بابت خداوند حڪم فرمايو هو تہ کين بني اسرائيل قوم جي فردن ۾ هرگز شامل نہ ڪيو وڃي، سي هاڻ تہ کُليو کُلايو سندس مقدس هيڪل ۾ گھڙي آيا آهن.


آءٌ هي انهيءَ ڪري ٿو چوان جو ڀيڻ خلوئيءَ جي گھر ۾ رهندڙن کان پوريءَ طرح معلوم ٿيو آهي تہ اوهان ڀائرن ڀينرن جا هڪٻئي سان جھيڙا جھڳڙا پيا هلن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ