Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 13:6 - Muslim Sindhi Bible

6 انهن ڏينهن دوران آءٌ يروشلم ۾ ڪونہ هئس، ڇاڪاڻ تہ بابل جي بادشاهہ ارتخششتا جي شاهيءَ جي ٻٽيهين سال آءٌ انهيءَ شهنشاهہ ڏانهن موٽي ويو هئس. ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ مون کانئس موڪل ورتي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پر اُهو سڄو وقت آءٌ يروشلم ۾ نہ هوس: ڇالاءِ جو بابل جي بادشاهہ ارتخششتا جي ٻٽيهين سال ۾ آءٌ انهيءَ بادشاهہ وٽ موٽي ويس، ۽ ڪن ڏينهن کانپوءِ بادشاهہ کان موڪل گهريم:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 13:6
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هنن ست ڏينهن خوشيءَ وچان بي‌خميري مانيءَ جي عيد ملهائي، ڇاڪاڻ تہ خداوند اشور جي شهنشاهہ جي دل انهن ڏانهن ڦيرائي کين خوشي عطا ڪئي هئي. انهيءَ لاءِ تہ بني اسرائيل جي خدا جي گھر جي تعمير واري ڪم ۾ شهنشاهہ هنن جي مدد ڪئي.


چئن مهينن کان پوءِ هڪڙي ڏينهن جڏهن بادشاهہ جي اڳيان مئي آندي ويئي، تڏهن مون مئي کڻي بادشاهہ کي ڏني. ان کان اڳ هن مون کي ڪڏهن بہ غمگين نہ ڏٺو هو،


پوءِ جنهن ڏينهن کان آءٌ يهوداہ علائقي جو گورنر مقرر ڪيو ويس، يعني ارتخششتا شهنشاهہ جي شاهيءَ جي ويهين سال کان ٻٽيهين سال تائين، انهن ٻارهن سالن ۾ مون ۽ منهنجي مٽن مائٽن ڪڏهن بہ سرڪاري ماني ڪين کاڌي.


هاڻي جڏهن ماڻهن ڏٺو تہ موسيٰ جبل تان لهڻ ۾ دير ڪئي آهي، تڏهن اهي هارون وٽ اچي گڏ ٿيا. کيس چيائون تہ ”اُٿي اسان جي لاءِ اهڙا ديوتا ٺاهہ جيڪي اسان جي رهبري ڪن، ڇاڪاڻ تہ هي شخص موسيٰ، جيڪو اسان کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهي، خبر ناهي تہ کيس ڇا ٿيو آهي.“


پر هڪڙيءَ رات جڏهن سڀ ماڻهو ستا پيا هئا تہ هن جو هڪ دشمن اچي ڪڻڪ ۾ ڪانڊيرن جو ٻج ڇٽي هليو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ