Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 13:5 - Muslim Sindhi Bible

5 تنهن طوبياہ کي رهڻ لاءِ انهن گودامن مان هڪڙي وڏي ڪوٺي ڏني. اها ڪوٺي هيڪل جي سامان رکڻ لاءِ مقرر هئي يعني اناج جون قربانيون، لوبان، خدا جي گھر جا ٿانوَ، اَناج، مئي ۽ زيتون جي تيل جا ڏهان حصا، جيڪي مقرر طريقي موجب لاوين، هيڪل جي ڳائڻن ۽ دربانن کي ڏبا هئا. انهيءَ کان علاوہ اتي ڪاهنن لاءِ گڏ ڪيل چندا پڻ رکيا ويندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 سندس لاءِ هڪڙي وڏي ڪوٺي تيار ڪئي هئي، جتي اڳي کاڌي جون قربانيون، لوبان ۽ باسڻ ۽ اَن جون ڏهاڪيون، شراب ۽ تيل، جو حڪم موجب لاوين ۽ ڳائڻن ۽ دربانن کي ڏبو هو، ۽ ڪاهنن جي لاءِ کڻڻ جون قربانيون، رکڻ ۾ اينديون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 13:5
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن حزقياہ بادشاهہ حڪم ڏنو تہ ”انهيءَ سامان لاءِ خداوند جي گھر ۾ گدام ٺاهيا وڃن.“ سو هنن اهي تيار ڪيا.


واڍن ۽ اڏاوت ڪندڙن کي ڏنا تہ جيئن اهي هيڪل جي عمارتن جي مرمت لاءِ تراشيل پٿر ۽ شهتيرن جا ڪاٺ خريد ڪن، جيڪي عمارتون يهوداہ جي بادشاهن جي بي‌ڌيانيءَ سبب ڊهي ويون هيون.


جيئن شريعت ۾ لکيل آهي تيئن اسين پنهنجا پهريتا پٽ، پنهنجي چوپائي مال ۽ رڍن ٻڪرين جا پهريتا ڦر پنهنجي خدا جي هيڪل ۾ خدمتگار ڪاهنن وٽ آڻينداسون.


انهيءَ کان سواءِ اسين پنهنجي فصل مان پهرئين اٽي جو ڳوهيل چاڻو، پنهنجي وڻن جو پهريون ميوو ۽ پنهنجي تيار ڪيل پهرين مئي ۽ زيتون مان نڪتل پهريون تيل پنهنجي نذراني طور ڪاهنن وٽ پنهنجي خداوند جي هيڪل جي گدام ۾ رکڻ لاءِ آڻينداسون. اسين پنهنجي زمين جي پيداوار جو ڏهون حصو لاوين وٽ آڻينداسون، ڇاڪاڻ تہ اهي ئي اسان جي پوک وارين ٻنين جي پيداوار جو ڏهون حصو گڏ ڪندا آهن.


هارون جي اولاد مان هڪ ڪاهن ڏهين حصي اُڳاڙڻ وقت لاوين سان گڏ هوندو ۽ لاوي انهيءَ ڏهين حصي جو ڏهون حصو اسان جي خدا جي هيڪل جي گدام ۾ گڏ ڪندا.


انهيءَ ئي ڏينهن چندن لاءِ، پهريتن ڦرن لاءِ ۽ ڏهان حصا گڏ ڪرڻ لاءِ گودامن جا نگران مقرر ڪيا ويا. شهر جي آس‌پاس وارين ٻنين مان انهن کي اهي حصا آڻي گودامن ۾ رکڻا هئا، جيڪي شريعت موجب ڪاهنن ۽ لاوين لاءِ مقرر هئا. ڪاهنن ۽ لاوين جي خدمت واري ڪم کان يهوداہ وارا خوش هئا،


۽ موٽي يروشلم ۾ آيس. هتي اچي انهي خرابيءَ جي خبر پيم، جيڪا الياسب ڪئي هئي جو هن طوبياہ کي خدا جي گھر جي اڱڻ ۾ رهڻ لاءِ ڪوٺي ڏني هئي.


اندرين اڱڻ جي اتر واري لنگھہ جي شروع ۾ هال جي لڳولڳ هڪڙو ڪمرو ٺهيل هو جيڪو هال ۾ ٿي کُليو. اتي انهن ڪٺل جانورن کي ڌوتو ويندو هو جيڪي قربانيءَ طور ساڙڻ لاءِ پيش ڪيا ويندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ