Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 13:31 - Muslim Sindhi Bible

31 مون مقرر وقت تي ساڙيون ويندڙ قربانين لاءِ ڪاٺين ۽ پهريتن ڦرن جي نذراني مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ پڻ بندوبست ڪيو. سو اي منهنجا خدا! مون کي مهربانيءَ جي نظر سان ياد رکج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 ۽ ٺهرايل وقتن تي ڪاٺين جي نذراني، ۽ پهرين ڦر لاءِ بہ انهن کي مقرر ڪيم. اي منهنجا خدا، منهنجي يادگيري چڱائيءَ لاءِ ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 13:31
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسين سڀيئي ماڻهو، ڪاهنن ۽ لاوين سميت هر سال ڪُڻا وجھنداسون، تہ جيئن اهو طئي ڪريون تہ اسان جي گھراڻن مان ڪنهن کي هيڪل ۾ مقرر وقتن تي قربانين لاءِ ڪاٺيون آڻڻيون آهن تہ جيئن خداوند پنهنجي خدا جي قربان‌گاهہ تي شريعت جي لکيت مطابق ساڙيون وڃن.


اسين پاڻ تي اها بہ ذميواري کڻون ٿا تہ اسين پنهنجي زمين جي پهرين پيداوار ۽ هر ميويدار وڻ جو پهريون ميوو سال بسال خداوند جي هيڪل ۾ آڻينداسون.


هارون جي اولاد مان هڪ ڪاهن ڏهين حصي اُڳاڙڻ وقت لاوين سان گڏ هوندو ۽ لاوي انهيءَ ڏهين حصي جو ڏهون حصو اسان جي خدا جي هيڪل جي گدام ۾ گڏ ڪندا.


اي منهنجا خدا! انهيءَ ڳالهہ ڪارڻ مون کي ياد ڪج ۽ جيڪي ڪم مون وفاداريءَ سان تو پنهنجي خدا جي گھر ۽ ان جي خدمتن لاءِ ڪيا آهن سي ميٽي نہ ڇڏج.


پوءِ مون لاوين کي حڪم ڏنو تہ سبت جي ڏينهن کي پاڪ رکڻ لاءِ هو پاڻ کي پاڪ ڪري اچي دروازن جي نگهباني ڪن. اي منهنجا خدا! اهو بہ منهنجي حق ۾ ياد رکج ۽ پنهنجي وڏيءَ رحمت موجب مون تي رحم ڪج.


تنهنڪري اي منهنجا خدا! جيڪي ڪجھہ مون هن قوم لاءِ ڪيو آهي، تنهن جي ڪري مون کي پنهنجي مهر سان ياد رکج.


اي خداوند! جڏهن تون پنهنجي ٻاجھہ سان پنهنجي قوم کي ڇڏائين، تڏهن مون کي بہ ياد ڪج،


تون منهنجا گناهہ ۽ جوانيءَ جون گستاخيون ياد نہ ڪر. اي خداوند! پنهنجي دائمي شفقت سان مون کي پنهنجي ڀلائي ڏيکار ۽ وساري نہ ڇڏج.


پوءِ هن عيسيٰ کي چيو تہ ”اي عيسيٰ! جڏهن اوهين بادشاهہ ٿي اچو، تڏهن مون کي ياد ڪجو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ