Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 13:28 - Muslim Sindhi Bible

28 سردار ڪاهن يويدع ولد الياسب جي پٽن مان هڪڙي پٽ سنبلط حورونيءَ نالي ڌارئي ماڻهوءَ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي. مون انهيءَ کي پنهنجي قوم مان خارج ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 يويدع بن الياسب سردار ڪاهن جي پٽن مان هڪڙو سنبلط حورونيءَ جو ناٺي هو: تنهنڪري مون هن کي پاڻ وٽان هڪلي ڪڍيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 13:28
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عملدارن ۽ اڳواڻن فيصلو ڪيو تہ جيڪو ٽن ڏينهن اندر اچي حاضر نہ ٿيندو تنهن جي سڄي ملڪيت ضبط ڪئي ويندي ۽ کيس موٽي آيلن جي جماعت مان خارج ڪيو ويندو.


سردار ڪاهن يشوع يويقيم جو پيءُ هو، يويقيم الياسب جو پيءُ هو، الياسب يويدع جو پيءُ هو،


الياسب، يويدع، يوحنان ۽ يدوع پنهنجي پنهنجي ڏينهن ۾ لاوي گھراڻن جا وڏا لکيا ويا. دارا فارسيءَ جي شهنشاهت ۾ ڪاهنن جي وڏن جو پڻ اندراج ڪيو ويو.


تڏهن مون انهن کي ڇينڀيو ۽ مٿن ڦٽ‌لعنت ڪيم. مون انهن مان ڪن ماڻهن کي مار بہ ڏني ۽ سندن وار بہ پٽيا. مون کانئن خدا جو قسم کڻائي واعدو ورتو تہ ”آئيندہ اسين پنهنجيون ڌيئرون ڌارين جي پٽن کي پرڻائي نہ ڏينداسون ۽ نہ وري اسين هنن جون ڌيئرون پنهنجن پٽن لاءِ يا پنهنجي پرڻي لاءِ وٺنداسون.


جڏهن سنبلط حوروني ۽ طوبياہ نالي هڪ عموني عملدار اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو ڏاڍا رنج ٿيا، ڇاڪاڻ تہ ڪو ماڻهو بني اسرائيل جي ڀلائيءَ لاءِ آيو آهي.


پر جڏهن سنبلط حوروني، طوبياہ ۽ جشم نالي هڪ عرب اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اسان تي کل ٺٺوليون ڪندي حقارت وچان اسان کان پڇيائون تہ ”اهو ڪهڙو ڪم آهي، جيڪو اوهين ڪريو ٿا؟ اوهين شهنشاهہ جي خلاف بغاوت ڪندءُ ڇا؟“


سردار ڪاهن الياسب پنهنجي ساٿي ڪاهنن سان گڏجي اتر واري ڀت جو رڍن وارو دروازو وري تعمير ڪيو. هنن انهيءَ کي وقف ڪيو ۽ انهيءَ ۾ طاق لڳايائون. هنن ڀت کي سؤ نالي ٺُلهہ ۽ حنن‌ايل ٺُلهہ تائين وقف ڪيو.


جڏهن سنبلط ٻڌو تہ اسين ڀتين جي نئين سر تعمير ٿا ڪريون، تڏهن هو تپي باهہ ٿي ويو ۽ اسان يهودين تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳو.


آءٌ روزانو ملڪ جي هر بڇڙي کي ناس پيو ڪندس. خداوند جي شهر مان آءٌ هر بدڪار کي برباد ڪري ڇڏيندس.


عقلمند بادشاهہ بدڪارن کي ڳوليو ڪڍي، ۽ کين سختيءَ سان چيڀاٽيو ڇڏي.


بادشاهہ جيڪو عدالت ۾ انصاف ٿو ڪري، سو هر بڇڙائيءَ کي پرکي وٺي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ