نحمياہ 13:16 - Muslim Sindhi Bible16 يروشلم ۾ صور شهر جا ماڻهو پڻ رهندا هئا، جيڪي مڇي ۽ ٻيو هر قسم جو وڪري جو سامان آڻي سبت جي ڏينهن بني اسرائيل وٽ وڪڻندا هئا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible16 انهيءَ ۾ صور جا ماڻهو بہ رهندا هئا، جي مڇي، ۽ ٻيو هر قسم جو سامان آڻي سبت جي ڏينهن بني يهوداہ کي، يروشلم ۾ وڪڻندا هئا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پر ستون ڏينهن آرام جو ڏينهن آهي، جيڪو مون خداوند اوهان جي خدا لاءِ وقف ٿيل آهي. انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪم نہ ڪري، نہ اوهين، نہ اوهان جو پٽ، نہ اوهان جي ڌيءَ، نہ اوهان جو ٻانهو، نہ اوهان جي ٻانهي، نہ اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ نہ اوهان جي ملڪ ۾ رهندڙ ڪو ڌاريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي ٻانهي ۽ ٻانهيءَ کي بہ اوهان وانگر آرام ملي.