Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 13:15 - Muslim Sindhi Bible

15 انهن ڏينهن ۾ مون يهوداہ ۾ سبت جي ڏينهن ڪن ماڻهن کي انگورن جي چيچڙن کي هلائيندي ۽ اناج جي ول گڏهن تي آڻيندي ڏٺو ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ مئي، انگور، انجير ۽ ٻيو هر طرح جو سامان سبت جي ڏينهن يروشلم ۾ ٿي آندائون. تنهنڪري مون کين اُن ڏينهن تي وڪرو ڪرڻ کان تنبيهہ ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 انهن ڏينهن ۾ مون يهوداہ منجهہ سبت جي ڏينهن ڪن ماڻهن کي شراب جي چيچڙن کي لتاڙيندو، ۽ اَن جا سنگ آڻي گڏهن تي لڏيندو ڏٺو؛ تنهن کانسواءِ شراب، انگور ۽ انجير ۽ ٻيو هر طرح جو بار سبت جي ڏينهن يروشلم ۾ ٿي آندائون: ۽ جنهن ڏينهن هنن اهي کاڌي جون شيون ٿي وڪڻيون، انهيءَ ڏينهن مون مٿن عتاب آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 13:15
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هوندي بہ خداوند هنن ڏانهن نبي موڪليا تہ جيئن اهي توبهہ‌تائب ٿين. نبين کين تنبيهہ ڪئي پر هنن سندن هڪ بہ نہ ٻڌي.


جڏهن آس‌پاس وارين قومن مان ڪي ماڻهو سبت واري ڏينهن يا ڪنهن ٻئي وڏي ڏينهن تي ڪي‌بہ شيون يا اناج وڪڻڻ لاءِ کڻي ايندا تہ اسين کانئن نہ وٺنداسون. هر ستين سال اسين زمين ۾ ڪابہ پوکي نہ ڪنداسون ۽ پنهنجا سمورا قرض معاف ڪري ڇڏينداسون.


اسان حڪمن مطابق اها ذميواري کڻون ٿا تہ هر سال پنهنجي خداوند جي هيڪل جي خدمت واسطي پنهنجي مال مان هنن ڪمن لاءِ چانديءَ جا چار گرام ڏينداسين:


يروشلم ۾ صور شهر جا ماڻهو پڻ رهندا هئا، جيڪي مڇي ۽ ٻيو هر قسم جو وڪري جو سامان آڻي سبت جي ڏينهن بني اسرائيل وٽ وڪڻندا هئا.


تنهن تي مون کين تنبيهہ ڪندي چيو تہ ”ڇو اوهين شهر جي ڀتين جي ڀرپاسي رات ٿا گذاريو؟ جيڪڏهن اوهين وري ائين ڪندا تہ پوءِ آءٌ اوهان کي پڪڙيندس.“ تڏهن کان وٺي هو وري سبت جي ڏينهن نہ آيا.


جيتوڻيڪ تو کين خبردار بہ ڪيو تہ ’منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪجو،‘ تڏهن بہ هنن هٺ کان ڪم ورتو ۽ تنهنجا حڪم نہ مڃيائون. بلڪ تنهنجي انهن قاعدن قانونن جي ابتڙ ڪم ڪيائون، جن تي جيڪڏهن انسان عمل ڪري تہ جيئرو رهي سگھي ٿو. هنن هوڏ ڪندي تو کي پٺي ڏني، ۽ وڏائيءَ ۾ ڀرجي تو ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنائون.


ڇا تون هن تي اعتبار ڪري ٿو سگھين تہ هو تنهنجو اناج گھر کڻي ايندو؟ ڇا تو کي يقين آهي تہ هو تنهنجي ٻنيءَ جو فصل ميڙي ڳاهہ جي پِڙ تي گڏ ڪندو؟“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! ٻڌ، آءٌ ڳالهائيندس. هائو، اي بني اسرائيل وارؤ! ٻڌو، آءٌ اوهان تي شاهدي ڏيندس. آءٌ ئي خدا، هائو، اوهان جو خدا آهيان.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ


تنهنڪري بني اسرائيل سبت جو ڏينهن ملهائيندا رهن ۽ انهيءَ کي پنهنجي سڀني پيڙهين جي لاءِ هميشہ جو عهد سمجھي قائم رکن.


ڇهہ ڏينهن اوهين پنهنجو ڪم ڪار ڪندا رهجو پر ستين ڏينهن آرام ڪجو، پوءِ اهو هر ڪاهڻ يا لاباري ڪرڻ جو وقت ڇو نہ هجي.


ڇهہ ڏينهن اوهين پنهنجو ڪم ڪار ڪريو. پر ستون ڏينهن اوهان جي لاءِ پاڪ ڏينهن ٿيندو، ڇو تہ اهو آرام وارو ڏينهن خداوند لاءِ وقف ٿيل سبت آهي. جيڪو انهيءَ ڏينهن ڪو ڪم ڪندو سو ماريو ويندو.


جيڪي شريعت تي هلڻ ڇڏي ٿا ڏين، سي بدڪارن جي تعريف ٿا ڪن. مگر شريعت تي قائم رهڻ وارا هميشہ انهن جي مخالفت ٿا ڪن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن اوهين سبت، يعني منهنجي پاڪ ڏينهن تي پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪرڻ کان پنهنجا پير روڪيندا، سبت جي ڏينهن کي پنهنجي خوشين جو ڏينهن سمجھندا، ۽ انهيءَ کي مون خداوند جو پاڪ ۽ تعظيم وارو ڏينهن ڪري سڏيندا، ۽ انهيءَ جو اهڙيءَ طرح احترام ڪندا، جو نہ انهيءَ ڏينهن پنهنجو ڪو ڪاروبار يا سفر ڪندا، نڪي وري پنهنجي خوشيءَ يا پنهنجي مطلب جون ڳالهيون ڪندا،


پر جيڪڏهن اوهين خبرداريءَ سان منهنجي فرمانبرداري ڪندا ۽ سبت جي ڏينهن هن شهر جي دروازن مان ڪوبہ بار نہ آڻيندا، بلڪ انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪم ڪار نہ ڪري ان ڏينهن کي خداوند لاءِ وقف ڪندا،


پر جيڪڏهن اوهين منهنجي نافرماني ڪندي سبت جي ڏينهن يروشلم جي دروازن مان بار کڻي اندر لنگھي اچڻ سان منهنجي پاڪ سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪندا، تہ پوءِ آءٌ يروشلم جي دروازن کي اهڙي باهہ ڏيئي ڇڏيندس جيڪا يروشلم جا سڀ محل ساڙي رک ڪري ڇڏيندي، ۽ ڪوبہ ان باهہ کي وسائي نہ سگھندو.‘“


اي يهوداہ جا باقي بچيل رهاڪؤ! خداوند اوهان کي مصر ڏانهن وڃڻ جي منع فرمائي آهي. ياد رکو، اڄ مون اوهان کي آگاهہ ڪري ڇڏيو آهي.


پر بني اسرائيل قوم بيابان ۾ ئي منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجي حڪمن کي ڇڏي ڏنائون، جن تي عمل ڪرڻ سان انسان جيئرو رهي ٿي سگھيو. هنن منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بہ تمام گھڻي بي‌حرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ آءٌ بيابان ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان، تان‌تہ اهي چٽ ٿي وڃن.


اوهين دل ۾ چئو ٿا تہ ”ڪڏهن ٿا پاڪ ڏينهن پورا ٿين، تہ جيئن اسين اناج وڪڻون؟“ يا وري هيئن چئو ٿا تہ ”ڪڏهن ٿو سبت جو ڏينهن پورو ٿئي، تہ جيئن اسين ڪڻڪ ٻاهر ڪڍي ڪوڙن وٽن ۽ تارازين ذريعي ٺڳي ڪري وڌايل قيمتن تي وڪڻون؟“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! آءٌ اوهان سان ڪهڙو غلط هليو آهيان؟ مون اوهان تي ڪهڙو ٻوجھہ وڌو آهي؟ اوهين مون تي ثابت ڪريو.


پطرس انهن کي ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالهيون ٻڌايون ۽ کين خبردار ڪيائين تہ ”پاڻ کي هن بڇڙي زماني کان بچايو.“


يهودين توڙي غير قوم وارن ٻنهي کي تاڪيد ڪيو اٿم تہ اهي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪري خدا ڏانهن ڦرن ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻين.


آءٌ حقيقت ٻڌائيندي اوهان کي وري چوان ٿو تہ جيڪو بہ طهر ڪرائي ٿو، تنهن تي اهو فرض آهي تہ هو سڄي شريعت تي عمل ڪري.


جيئن تہ اسين خداوند عيسيٰ جا آهيون، تنهنڪري آءٌ اوهان کي تاڪيد ڪندي چوان ٿو تہ اوهين غير قومن واري غلط رستي کي ڇڏي اڳتي سندن اجاين خيالن موجب زندگي نہ گذاريو.


هاڻي جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا کي وساري غير معبودن جي پٺيان لڳي سندن پوڄا ڪندا ۽ کين سجدو ڪندا تہ اڄوڪي ڏينهن آءٌ اوهان کي آگاهہ ٿو ڪريان تہ اوهين ضرور نابود ڪيا ويندا.


سو انهيءَ ڳالهہ ۾ ڪوبہ ايمان وارو پنهنجي ڪنهن هم‌ايمان سان زيادتي يا ٺڳي ڪندي سندس گھر تي بري نظر نہ رکي. جيئن تہ اسان اڳي ئي اوهان کي ٻڌايو ۽ خبردار ڪيو آهي تہ خداوند اهڙن سڀني گناهن جي سزا ڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ