Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 13:14 - Muslim Sindhi Bible

14 اي منهنجا خدا! انهيءَ ڳالهہ ڪارڻ مون کي ياد ڪج ۽ جيڪي ڪم مون وفاداريءَ سان تو پنهنجي خدا جي گھر ۽ ان جي خدمتن لاءِ ڪيا آهن سي ميٽي نہ ڇڏج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 اي منهنجا خدا، انهيءَ جي ڳالهہ جي نسبت ۾ مون کي ياد ڪج ۽ جيڪي چڱا ڪم مون پنهنجي خدا جي گهر لاءِ ۽ اُن جي رسمن راهن پورين ڪرڻ لاءِ ڪيا، سي ميٽي نہ ڇڏج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 13:14
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”اي خداوند! ياد ڪر تہ آءٌ ڪيئن نہ تنهنجي اڳيان وفاداريءَ ۽ دل وَ جان سان هليو آهيان ۽ اُهي ئي ڪم ڪيا اٿم جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱا آهن.“ ائين چئي حزقياہ زاروزار روئڻ لڳو.


انهيءَ کان علاوہ مون پنهنجي ذاتي خزاني مان پنهنجي خدا جي گھر سان چاهہ سبب سون ۽ چاندي پڻ مهيا ڪري ڏني آهي.


کيس دائود جي شهر ۾ بادشاهن واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، انهيءَ لاءِ جو هن خدا ۽ سندس قوم ۽ هيڪل لاءِ چڱا ڪم ڪيا هئا.


ٻيو بہ جيڪي ڪجھہ وڌيڪ تنهنجي خدا جي گھر لاءِ گھربل هجي ۽ تو کي ڏيڻو هجي سو ڀلي شاهي خزاني مان وٺي ڏج.


اوهان کي اهو بہ معلوم هجي تہ ڪاهنن، لاوين، خدا جي هيڪل جي ڳائڻن، دربانن ۽ خدمتگارن يا هيڪل سان واسطي رکندڙن مان ڪنهن تي بہ ڪا ڍل، ٽيڪس يا چونگي ناهي مڙهڻي.“


عزرا چيو تہ ”خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا جي تعريف هجي، جنهن شهنشاهہ جي دل ۾ اها ڳالهہ وڌي تہ يروشلم ۾ جيڪو خداوند جو گھر آهي، تنهن جي تعظيم ٿئي.


پوءِ مون لاوين کي حڪم ڏنو تہ سبت جي ڏينهن کي پاڪ رکڻ لاءِ هو پاڻ کي پاڪ ڪري اچي دروازن جي نگهباني ڪن. اي منهنجا خدا! اهو بہ منهنجي حق ۾ ياد رکج ۽ پنهنجي وڏيءَ رحمت موجب مون تي رحم ڪج.


مون مقرر وقت تي ساڙيون ويندڙ قربانين لاءِ ڪاٺين ۽ پهريتن ڦرن جي نذراني مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ پڻ بندوبست ڪيو. سو اي منهنجا خدا! مون کي مهربانيءَ جي نظر سان ياد رکج.


تنهنڪري اي منهنجا خدا! جيڪي ڪجھہ مون هن قوم لاءِ ڪيو آهي، تنهن جي ڪري مون کي پنهنجي مهر سان ياد رکج.


”اي خداوند! ياد ڪر تہ آءٌ ڪيئن نہ تنهنجي اڳيان وفاداريءَ ۽ دل وَ جان سان هليو آهيان ۽ اُهي ئي ڪم ڪيا اٿم جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱا آهن.“ ائين چئي حزقياہ زاروزار روئڻ لڳو.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا بي‌انصاف ناهي جو هو اوهان جي محنت ۽ انهيءَ پيار کي وساري ڇڏي، جيڪو اوهان سندس نالي واسطي اهڙيءَ طرح ظاهر ڪيو جو مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي خدمت ڪئي، بلڪ اڃا تائين ڪندا ٿا رهو.


هائو، جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو، تنهن کي اهڙيءَ طرح اڇا ڪپڙا پهرايا ويندا. آءٌ سندس نالو زندگيءَ جي ڪتاب مان اصل ڪونہ ڪڍندس، بلڪ آءٌ پنهنجي پيءُ ۽ سندس ملائڪن جي اڳيان اقرار ڪندس تہ اهو شخص منهنجو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ