Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 13:13 - Muslim Sindhi Bible

13 انهن گودامن تي مون سلميا ڪاهن، صدوق شريعت جي عالم ۽ فداياہ نالي هڪ لاويءَ کي نگران مقرر ڪيو ۽ حنان ولد زڪور ولد متنياہ کي سندن نائب مقرر ڪيم، ڇاڪاڻ تہ اهي ماڻهو ڀروسي جهڙا سمجھيا ويندا هئا. انهن جي ذميواري هئي تہ هو پنهنجي هم‌خدمت ڀائرن کي سندن حصا ورهائي ڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ انهن خزانن تي مون سلمياہ ڪاهن، ۽ صدوق محرر، ۽ لاوين مان فداياہ کي خزانچي مقرر ڪيو: ۽ انهن کانپوءِ حنان بن زڪور، بن متنياہ کي مقرر ڪيم: ڇالاءِ جو اُهي ايماندار شمار ڪيل هئا، ۽ انهن جو ڪم هو تہ پنهنجن ڀائرن کي حصا ورهائي ڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 13:13
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪم ڪرڻ وارن کي پئسا ڏيڻ لاءِ جيڪي ماڻهو مقرر هئا تن کان ڪوبہ حساب ڪتاب نہ ورتو ويندو هو، ڇاڪاڻ تہ هو ايمانداريءَ سان هلندا هئا.


قصور جي تلافيءَ واسطي قربانين ۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانين جا پئسا پيتيءَ ۾ نہ وڌا ويندا هئا. پر اهي پئسا ڪاهنن جي ملڪيت هوندا هئا.


جيڪي پئسا هنن کي ڏنا وڃن تن جو کانئن حساب نہ ورتو وڃي، ڇاڪاڻ تہ هو ايمانداريءَ سان ٿا هلن.“


هارون جي اولاد مان هڪ ڪاهن ڏهين حصي اُڳاڙڻ وقت لاوين سان گڏ هوندو ۽ لاوي انهيءَ ڏهين حصي جو ڏهون حصو اسان جي خدا جي هيڪل جي گدام ۾ گڏ ڪندا.


يروشلم ۾ لاوين جو نگران عزي ولد باني ولد حسبياہ ولد متنياہ ولد ميڪا هو. عزي آسف جي اولاد مان هو جيڪي ڳائڻا هئا ۽ هيڪل ۾ ڳائڻ جي خدمت سندن ذمي هئي.


انهيءَ ئي ڏينهن چندن لاءِ، پهريتن ڦرن لاءِ ۽ ڏهان حصا گڏ ڪرڻ لاءِ گودامن جا نگران مقرر ڪيا ويا. شهر جي آس‌پاس وارين ٻنين مان انهن کي اهي حصا آڻي گودامن ۾ رکڻا هئا، جيڪي شريعت موجب ڪاهنن ۽ لاوين لاءِ مقرر هئا. ڪاهنن ۽ لاوين جي خدمت واري ڪم کان يهوداہ وارا خوش هئا،


انهيءَ کان پوءِ حنانياہ ولد سلمياہ ۽ حنون جيڪو صلف جو ڇهون پٽ هو، تن گڏجي ٻئي حصي جي مرمت ڪئي. تنهن کان پوءِ مسلام ولد برڪياہ پنهنجي گھر جي سامهون واري حصي جي مرمت ڪئي.


تڏهن مون پنهنجي ڀاءُ حنانيءَ سان گڏ قلعي جي سالار حنانياہ کي پڻ يروشلم جو نگران مقرر ڪيو، ڇاڪاڻ تہ حنانياہ هڪ ديانتدار ماڻهو هو ۽ گھڻن ئي ماڻهن کان وڌيڪ خداترس هو.


عزرا ڪاٺ جي انهيءَ منبر تي چڙهي بيٺو، جيڪو انهيءَ موقعي لاءِ ٺاهيو ويو هو. سندس ڀرسان ساڄي پاسي متتياہ، سمع، عناياہ، اورياہ، خلقياہ ۽ معسياہ بيٺا هئا ۽ کاٻي پاسي فداياہ، مساايل، ملڪياہ، حاشوم، حسبدانہ، زڪرياہ ۽ مسلام بيٺا هئا.


خداوند جواب ۾ چيو تہ ”اهو وفادار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس مالڪ پنهنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو هجي تہ انهن کي وقت تي کاڌو پاڻي پهچائي؟


رسولن جي قدمن ۾ رکندا هئا، جيڪي هر ڪنهن کي سندس گھرج آهر ڏنا ويندا هئا.


ٿورن ڏينهن کان پوءِ جيئن ئي مسيح تي ايمان آڻيندڙن جو تعداد وڌندو ويو تہ انهن مان يوناني ٻولي ڳالهائيندڙ يهودي عبراني ٻولي ڳالهائيندڙ يهودين جي خلاف ڪُرڪندي شڪايت ڪرڻ لڳا تہ هنن جي رنن‌زالن کي روزانو کاڌي ورهائڻ وقت گھٽ ڏنو ٿو وڃي.


تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پاڻ مان ست معتبر ماڻهو چونڊيو، جيڪي پاڪ روح ۽ سياڻپ سان ڀريل هجن. اسين انهن کي کاڌي ورهائڻ واري ڪم جو ذميوار مقرر ڪنداسين.


هاڻ جنهن کي ڪا شيءِ سونپي ويندي آهي تنهن لاءِ ضروري آهي تہ هو ديانتدار هجي.


اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح، جيڪو مون کي طاقت بخشي ٿو، تنهن جو آءٌ شڪر ادا ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ هن مون کي ايماندار سمجھي پنهنجي خدمت لاءِ مقرر ڪيو آهي.


هي بہ ضروري آهي تہ پهريائين انهن کي پرکيو وڃي، پوءِ جيڪڏهن سندن خلاف ڪو الزام ثابت نہ ٿئي تہ ڀلي خدمتگار طور ڪم ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ