12 سڄي بني اسرائيل اناج، مئي ۽ زيتون جي تيل جا ڏهان حصا گودامن ۾ آندا.
12 پوءِ سڄي يهوداہ، اَن، ۽ شراب، ۽ تيل جي ڏهاڪي خزانن ۾ آندي.
تنهن کان سواءِ هن يروشلم جي رهاڪن کي حڪم ڏنو تہ اهي ڪاهنن ۽ لاوين لاءِ پنهنجي ملڪيت مان مقرر ٿيل حصو ڏيندا رهن تہ جيئن اهي پاڻ کي پوريءَ طرح شريعت موجب خداوند جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏين.
انهيءَ حڪم جي جاري ٿيڻ سان ئي يروشلم جي ڪيترن ئي پنهنجي اناج، مئي، زيتون جي تيل، ماکيءَ ۽ ٻنيءَ جي هر قسم جي پيداوار مان پهريتي پيداوار جو ڏهون حصو گھڻي انداز ۾ آڻي ڏنو.
انهيءَ ئي ڏينهن چندن لاءِ، پهريتن ڦرن لاءِ ۽ ڏهان حصا گڏ ڪرڻ لاءِ گودامن جا نگران مقرر ڪيا ويا. شهر جي آسپاس وارين ٻنين مان انهن کي اهي حصا آڻي گودامن ۾ رکڻا هئا، جيڪي شريعت موجب ڪاهنن ۽ لاوين لاءِ مقرر هئا. ڪاهنن ۽ لاوين جي خدمت واري ڪم کان يهوداہ وارا خوش هئا،
زمين جي سموري پيدائش جو ڏهون حصو مون خداوند جو آهي، پوءِ اها ٻنيءَ جو اناج هجي توڙي وڻن جو ميوو، اهو مون خداوند جي لاءِ مخصوص آهي.
اوهين ڪمائيءَ جو پورو ڏهون حصو هيڪل جي گودام ۾ آڻيو، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي گھر ۾ کاڌو پيتو هجي. ائين ڪرڻ سان اوهين ڏسندا تہ آءٌ ڪيئن نہ آسمان جون دريون کولي اوهان تي برڪت وسايان ٿو يا نہ، اهڙي برڪت جو انهيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ جاءِ ڪونہ بچندي.
ڀلا ڪو انسان مون خدا سان بہ ٺڳي ڪندو؟ پر اوهين مون سان ٺڳي ٿا ڪريو ۽ وري پڇو بہ ٿا تہ ’ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ اسين تو سان ٺڳي ٿا ڪريون؟‘ اوهين ڪمائيءَ جي ڏهين حصي ۽ نذرانن ڏيڻ ۾ مون سان ٺڳي ٿا ڪريو.
”اوهين پنهنجي ٻنيءَ جي سال بسال ٿيندڙ پيداوار منجھان، ڏهون حصو ضرور الڳ ڪجو.