Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 13:11 - Muslim Sindhi Bible

11 سو مون اڳواڻن کي ڇينڀيو ۽ کانئن پڇيو تہ ”ڇو خداوند جي گھر کي ڇڏي ڏنو ويو آهي؟“ پوءِ مون انهن سڀني لاوين ۽ ڳائڻن کي گھرايو ۽ کين سندن عهدن تي بيهاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 تڏهن آءٌ حاڪمن سان جهيڙو ڪرڻ لڳس، ۽ چيومان تہ ڇو خداوند جو گهر ڇڏي ڏنو ويو آهي؟ ۽ مون انهن ماڻهن کي گڏ ڪري سندن جاءِ تي ويهاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 13:11
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بني لاوي يا ٻيا بني اسرائيل نذراني طور مليل اناج، مئي ۽ زيتون جي تيل جي پهرين پيداوار کي گدامن ۾ کڻي ايندا، جتي هيڪل جا ٿانوَ رکيل آهن ۽ جتي خدمت ڪرڻ وارا ڪاهن، دربان ۽ ڳائڻا رهندا آهن. اسين پنهنجي خدا جي هيڪل کي ڇڏي نہ ڏينداسون.“


تڏهن مون يهوداہ جي اميرن کي ڇينڀيندي چيو تہ ”اوهين سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪري ڪيڏو نہ خراب ڪم ٿا ڪريو.


تڏهن مون انهن کي ڇينڀيو ۽ مٿن ڦٽ‌لعنت ڪيم. مون انهن مان ڪن ماڻهن کي مار بہ ڏني ۽ سندن وار بہ پٽيا. مون کانئن خدا جو قسم کڻائي واعدو ورتو تہ ”آئيندہ اسين پنهنجيون ڌيئرون ڌارين جي پٽن کي پرڻائي نہ ڏينداسون ۽ نہ وري اسين هنن جون ڌيئرون پنهنجن پٽن لاءِ يا پنهنجي پرڻي لاءِ وٺنداسون.


ماڻهن جي خوف ۽ خاندان وارن جي ڪراهت جي ڪري، آءٌ گھر کان ٻاهر نڪرڻ ۽ خاموش رهڻ تي مجبور ڪين ٿيس.“


جيڪي شريعت تي هلڻ ڇڏي ٿا ڏين، سي بدڪارن جي تعريف ٿا ڪن. مگر شريعت تي قائم رهڻ وارا هميشہ انهن جي مخالفت ٿا ڪن.


عيليءَ جي انهن جوان پٽن جو هي گناهہ خداوند جي آڏو تمام وڏو هو، ڇاڪاڻ تہ اهي خداوند جي قربانيءَ جي بي‌حرمتي ڪندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ